Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

ٻنهي ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ خالي ٿانوَ يا چمچا پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان گھر ۾ جھڳڙو ٿيندو آهي ٭ جڏهن ڪڪرن ۾ کنوڻ چمڪي رهي هجي ۽ وڏو ٻار (پهريون ٻار) گھران ٻاهر نڪري ته سمجھندا آهن ته ان تي کنوڻ ڪري پوندي ٭ ٻار جا ڏند ابتا نڪتا ته ناناڻي (يعني مامن وغيره) تي ڏکيا ثابت ٿيندا آهن ٭ ننڍو ٻار ڪنهن جي ٽنگن جي وچان لنگهي وڃي ته ان جو قد ننڍو ٿيندو آهي  ٭ ٻار ستو پيو هجي ان جي مٿان ڪو ٽپو ته ٻار جو قد ننڍو ٿيندو آهي ٭ مغرب کان پوءِ دروازي تي نه ويهڻ گھرجي ڇوته مصيبتن جو گذر ٿيندو آهي ٭ زلزلي دؤران جيڪو ڀڄندي زمين تي ڪري پيو اهو گونگو ٿي ويندو ٭ رات جو آئيني ڏسڻ سان منهن تي نشان ٿي پوندا آهن ٭ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ سان نحوست ٿيندي آهي ٭ سج گرهڻ وقت اُميد واري عورت ڇُري سان ڪا شيء نه ڪٽي نه ته ٻار هٿ يا پير ڪٽيل يا چيريل ڄمندو ٭ نئين ڄاول ٻار جا ڪپڙا ڌوئي نه نپوڙجن نه ته ٻار جي جسم ۾ سور ٿيندو ٭ ڪڏهن نمبرن (Numbers) مان بدفالي مراد وٺندا آهن (خصوصي طور تي يورپي ملڪن جا رهاڪو) ان لاءِ انهن جي وڏين وڏين عمارتن ۾ 13 نمبر واري منزل ناهي هوندي (ٻارهين منزل کان بعد واري منزل کي چوڏهين منزل قرار ڏيندا آهن)، اهڙي طرح انهن جي اسپتالن ۾ 13 نمبر وارو بسترو يا ڪمرو به ناهي هوندو ڇوته اهي انهيءَ نمبر کي منحوس سمجهندا آهن ٭ مغرب جي اذان وقت سڀئي بلب ٻارڻ گھرجن نه ته مصيبتون نازل ٿينديون آهن۔ ذڪر ڪيل مٿين بدشگونين کان سواءِ به مختلف معاشرن، قومن، برادرين ۾ مختلف بدشگونيون رائج هونديون آهن۔ (بدشگوني،ص۱۶تا۱۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان مان جيڪو به ان طرح جي بدشگونين جو شڪار آهي ته ان کي گھرجي ته سمجھداري جو مُظاهرو ڪندي هڪدم ان مرض مان جان ڇڏائي ڇاڪاڻ ته بدشگوني جون تباھ ڪاريون ايتري قدر وڌيڪ آهن جو  اَلْاَمَان وَالْحَفِيظ    ۔