Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

حضرت سيدُنا مالِڪ بن دِيناررَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: تَورا ت شريف ۾ لکيل آهي ته جنهن جو پاڙي وارو گُناهن ۾ مُبتَلا هجي ۽ (قُدرَت بَاوُجُود) هو ان کي نه روڪي ته اهو به ان گُناھ ۾ شريڪ آهي۔ (الزھد لامام احمد،ڪتاب الزھد،ص۱۳۴،رقم:۵۲۷) حضرت سَيدُنا اَنَس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: جيڪو ٻڌي ته فُلاڻو شَخص گُناھ جو مُرتَڪب ٿيو ۽ پوءِ (قُدرَت باوُجُود) هو ان گُناھ ڪرڻ واري کي نه روڪي ته قِيامت جي ڏينهن هو ڪپيل ڪنن وارو ٻوڙو هوندو۔

 (تنبيه المغترين،الباب الرابع …الخ،ومن اخلاقھم:امرھم بالمعروف …الخ، ص۲۳۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اسان جا بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين ٻين نيڪ ڪمن سان گڏوگڏ اُمَّت جي اصلاح جي مَدَني جذبي سان سَرشَار ۽ هن حوالي سان نهايت چُست هئا، انهن جون دليون هميشه اُمَّت جي اِصلاح جي لاءِ بي قرار رهنديون هيون، انهن جو اُمّت جي اصلاح جو انداز رِقَّت ۽ سوز سان ڀريو هوندو هو جو جيڪڏهن ڪو شخص انهن کان راھ هلندي بلڪ سَفَر دوران به نَصِيحَت جو طالِب ٿيندو هو ته هي حضرات دير نه ڪندا هئا بلڪ اُنهيء وَقت خَوفِ خُدا جي گهرائين ۾ گُم ٿي ۽ روئي روئي انهن کي اِخلاص سان ڀرپور ”اِصلاح جا مَدَني گل“ عَطا ڪندا هئا جنهن سان نه صِرف پاڻ انهن جي پنهنجي حالت بدلجي ويندي هئي بلڪ ٻڌڻ وارن تي به هڪ عجيب رِقّت طاري ٿي ويندي هئي۔ اچو! هڪ رِقّت اَنگيز حِڪايت ٻڌون ٿا ۽ ان مان مَدَني گل چُونڊيون ٿا،

حضرت سيدنا ابراهيم بن بَشّار رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا ته مان ۽ امام ابو يوسف فَـسَوِي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه  ملڪ شام ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ هڪ شخص