Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

سڄو قبيلو مسلمان ٿي ويو

حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ حضرت سيِّدُنا اَسعَد بن زُراره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ سان گڏ راهِه خدا ۾ سفر تي روانا ٿيا ته قبيلي بني ظفر جي باغ ۾ ”مَـرَق“ نالي کوهه تي ويهي رهيا، انهن ٻنهي وٽ بنو اسلم قبيلي جا ڪجھ ماڻهو گڏ ٿيا، انهن جا چوٽيءَ جا ( يعني درجي جا ) سردار سعد بن مُعاذ ۽ اُسَيد بن حُضَير به هئا جن اڃا اسلام قبول نه ڪيو هو، حضرت سيِّدُنا مُعاذ حضرت سيِّدُنا اَسعَد بن زُراره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جا ماسات هئا، سعد بن معاذ اُسَيد بن حُضَير کي موڪليو ته انهن ٻنهي مُبَلِّغن کي دڙڪا ڏئي روڪي ڇڏيو جو هي اسان جي ڪمزور ماڻهن کي (مَعَاذالله) ورغلائڻ جي لاءِ آيا آهن، اُسَيد بن حُضَير پنهنجو نيزو کنيو ۽ انهن وٽ پهچي ويا، ايندي ئي انهن کي بُرو ڀلو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن توهان کي زندگي پياري آهي ته هتان کان هليا وڃو، حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ (انفرادي ڪوشش جو آغاز ڪندي نهايت) نرمي ۽ مٺاس سان فرمايو: ڪجھ ويهي ڪري اسان جي ڳالهه ته ٻڌو، سمجھ ۾ اچي ته مڃي وٺجو ۽ جيڪڏهن پسند نه اچي ته اسان اوهان کي مجبور نه ڪنداسين، اُسَيد بن حُضَير تي مٺي ٻول جو اثر ٿيو ۽ پنهنجو نيزو زمين تي کوڙي ان وٽ ويهي رهيا. حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ انهن کي اسلام جي باري ۾ مدني گل پيش ڪيا ۽ قرآن شريف پڙهي ڪري ٻڌايو، اَلۡحَمۡدُلِله عَزَّوَجَلَّ انهن جي دل ۾ مدني انقلاب برپا ٿي ويو ۽ اهي اسلام سان مشرف ٿي ويا.

مسلمان ٿيڻ کان پوءِ چيو: منهنجي پويان سعد بن مُعاذ آهي، جيڪڏهن ان توهان ٻنهي جي ڳالهه مڃي ورتي ته منهنجي سڄي قوم توهان جي ڳالهه مڃي وٺندي، مان ان کي توهان وٽ موڪليان ٿو، هي چئي پاڻ اتان کان سڌو سَعد بن مُعاذ وٽ پهتا ۽ انهن کي ٻنهي مُبَلِّغن وٽ وڃڻ جي لاءِ راضي ڪري ورتو،