Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

دل به نرم ٿي وڃي ]3[ اي الله عَزَّوَجَلَّ! رزق حلال عطا فرماءِ ۽ اتان روزي عطا فرماءِ جنهن جو مون کي گمان به نه هجي، الله تعالـٰي عتبه جون ٽئي دعائون قبول فرمايائون، انهن جو حافظو ۽ فهم ۽ فراست وڌي وئي ۽ جـڏهن اهي قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا ته جيڪو به ٻڌندو هو سو گنهاهن سان تائب ٿي ويندا هئا، سندن گھر ۾ روزانو ٻوڙ جو هڪ پيالو ۽ ٻه مانيون رکيل هونديون هيون ۽  ڪنهن کي خبر نه پوندي هئي ته هي ڪير ٿو رکي وڃي،  ۽ عُتۡبَه غلام جي سموري زندگي  ايئن ئي ٿيندو رهيو .   (مڪاشفۃ القلوب،ص۶۷بتغير قليل)

زَبان ِ وَلی میں وہ تاثِیر دیکھی

بَدَلْتی ہَزاروں کی تَقْدیر دیکھی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته حضرت سَيدُنا حَسَن بَصري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جو اَندازِ تبليغ به ڪيترو شاندار هو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ڪيتري قَدَر مُؤَثَّر اَنداز ۾ وَعظ ۽ نَصِيحَت جي ذَرِيعي مَخلوقِ خُدا جي اِصلاح جو عظيم فَرِيضو سَراَنجام ڏيندا هئا ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه پنهنجي نِگاھ وِلايت مان هڪ گُنهگار شَخص جي باطِن کي اهڙو چَمڪائي ڇڏيو جو الله عَزَّوَجَلَّ ان کي به نه صِرف هي ته وِلايت جي درجي کان سَرفَراز فرمايو بلڪ وِصَال کان پهريان عاليشان اِنعام ۽ اِڪرام سان به نَوازيو، بَيان ڪيل وَاقِعي ۾ بِالخُصُوص انهن مُبَلِّغن جي لاءِ مَدَني گل مَوجُود آهن جيڪي  چوندا آهن ته اسان بَيان ته ڪيو پر ٻڌڻ وارن تي اَثَر نه ٿيو، مَدَني قافِلي ۾ سَفَر جي لاءِ ڪو تَيار نه ٿيو، ڪنهن بيهي ڪري مَدَني قافِلي ۾ سَفَر جي نِيت ڪري نالو پڻ نه لکرايو، هتي جا اِسلامي ڀائر نهايت سَخت دِل آهن، انهن جي دل تي ڳالھ اَثَر نٿي ڪري وغيره۔ ياد رکو! هن قِسم جون ڳالهيون اهو ئي ڪري سگھي ٿو ته جيڪو پاڻ کي اِصلاح جي قابل