Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

نيڪين جو شَوق بيدار ٿيندو آهي ۽ مَدَني قافِلن ۾ سَفر جو ذِهن بڻجندو آهي۔ دعوتِ اِسلامي جي آغاز کان پهريان ۽ بعد ۾ به اوهان تي ڪيئي آزمائشون آيون، پر پاڻ همَّت نه هاري بلڪ صَبر ۽ اِستِقامَت سان هينئر تائين بيٺل آهن ۽ تبليغِ دِين جو اَهمّ فَرِيضو نهايت سٺي نموني سان سَراَنجام ڏئي رهيا آهن۔ اچو! اَمِيرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي دِيني خِدمتن جو مُختَصَراً تَعَارُف ٻڌون ٿا، جيئن ته

اَمِيرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جون دِيني خِدمتون

شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اِسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بِلال محمد اِلياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مُنفَرِد ۽ تاريخي ڪم جو واضح ثُبُوت هي آهي ته جن شعبن ۾ مدني ڪم ڪرڻ جي ضرورت محسوس فرمائي، پاڻ انهن شُعبن کي قائم ڪرڻ ۾ مَصروف ٿي ويا ۽ اڄ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ 100 کان وڌيڪ شُعبن ۾ مدني ڪم شُرُوع ٿي چُڪو آهي، مَثال طور مَسجدن جي تَعميرات جي لاءِ ”خُدَّام المَسَاجِد“ حِفظ ۽ ناظِرَه جي لاءِ ”مَدرَسةُ المدينه“ بالِغان کي تعليمِ قُرآن سان مالامال ڪرڻ جي لاءِ ”مَدرَسةُ المدينه بالِغان“ شَرعي رَهنمائي جي لاءِ ”دَارُالاِفتا اَهلسُنّت“ عُلَمَا تيار ڪرڻ جي لاءِ ”جامعةُ المدينه“ پيغامِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه کي عام ڪرڻ ۽ اِصلاحي ڪتابن جي فَراهمي جي لاءِ ”مَجلس اَلمَدِينَةُ العِلمِية“، رُوحاني عِلاج جي لاءِ ”مَجلسِ مڪتوبات و تَعويذاتِ عَطّارِيه“ اِسلامي ڀينرن (Ladies) ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ انهن جا ”هفتيوار اِجتِماع ۽ ٻيا مَدَني ڪم“ مُسَلمانن کي بَاعَمَل بڻائڻ جي لاءِ مَدَني اِنعامات جو تُحفو“ ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشِش جي لاءِ دُنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ هزارين ”مَدَني قافِلا ۽ سوين هفتيوار سُنّتن ڀريا اِجتِماع“ جي ترڪيب ٿيندي آهي، هفتيوار سُنّتن ڀريا اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪرن ۾ لکين عاشقانِ اولياء