Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

َمِيرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي بَيان ڪيل هنن ڪجھ دِيني خِدمتن جي عِلاوه سندن پنهنجي اِنفِرادي عِبادات کي قائم رکڻ، جنهن ۾ فرضن جي پابندي، نفل مَثال طور تَهجُّد، اِشراق وچاشت ۽ اَوَّابِين جي ادائيگي سان گڏوگڏ 12 مهينن جا اَڪثَر روزا رکڻ ۾ اِستِقَامَت، تِلاوتِ قُرآن، سُنَّتن ۽ مُستَحَبَّن تي عَمَل ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهن۔

سندن انهيءِ خُداداد صلاحيتن، ڪوششن، اُمّت جي خيرخواهي کي خراجِ تحسين پيش ڪندي عام ۽ خاص هن انداز سان ياد ڪن ٿا!

ہیں شَرِِیْعَت اور طَرِیْقَت کی حَسِیْں تَصویر جو

 

زُہْد و تَقْویٰ کے نَظارے حضرتِ عطّار ہیں

 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”هفتَيوار سُنَّتن ڀريو اِجتِماع“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان شَيخِ طَرِيقَت،اَمِيرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اِسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُوبِلال محّمد اِلياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي دِيني خدمتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيڻ وارن فائِدن ۽ ثَمَرات بابت ٻڌو، جنهن کي ٻڌي اسان ۾ به نيڪي جي دَعوَت جي ڌُوم مَچائڻ ۽ دِين جي خدمت جو جَذبو پيدا ٿيو هوندو يا وڌيو هوندو، هن مَدَني جَذبي کي ويتر وڌائڻ جي لاءِ اچو! اسان به دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابَستَه ٿي وڃون ۽ 12 مَدَني ڪمن جي ٻين کي ترغيب ڏيارڻ سان گڏوگڏ پاڻ به عملي طور تي شامل ٿيون۔ 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدَني ڪم ”هفتَيوار سُنَّتن ڀريو اِجتِماع“ به آهي۔ اِجتِماع ۾ گھري ويندڙ دُعائون ضَرور قبول ٿينديون آهن، ڇوته اتي اجتماع ۾ ذِڪرُ الله (يعني تلاوت، نعت، بيان، ذِڪر، صلوٰۃ وسلام) ٿيندو آهي،صحابه ڪرام، اولياء ڪرام جي سيرتِ مبارڪه بيان ٿيندي آهي ۔ حضرت سَيدُنا سُفيان بِن عُيينَه (عُ،يي،نَه) رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن