Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

کان بچڻ لاءِ مدد حاصل ڪيو جيڪا دلين تي چڙهي ويندي، بيشڪ توهان اهڙي گھر (يعني ناپائيدار دنيا) ۾ آهيو جنهن ۾ (وڏي عمر جي ذريعي مليل) قيام جي طويل مُدت به قليل (يعني ٿوري) آهي ۽ هن ۾ توهان کي مقرر وقت تائين انهن گذريل ماڻهن جو جانشين بڻائي موڪليو ويو آهي، جنهن دنيا جي خوشنمائي (يعني خوبصورتي) ۽ ان جي رونق ۽ بهار جو رخ ڪيو، انهن جون عمرون توهان کان وڏيون ۽ قد به ڊگھا هئا ۽ نشانَ به عظيم هئا، انهن جبلن کي چيري وڌو، پٿر جون ٽڪريون ڪٽيون، شهرن ۾ گھمندا رهيا، وڌيڪ طاقت وارا هئا، انهن جا جسم ٿنڀ وانگر هئا، انهيءَ باوجود زماني جلد ئي انهن جي مُدت ختم ڪري ڇڏي، انهن جي نشانن کي مٽائي ڇڏيو، انهن جي گھرن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو ۽ ان جي ذڪر کي وساري ڇڏيو. هاڻي توهان نه انهن کي ڏسو ٿا نه انهن جو آواز ٻڌو ٿا، اهي ڪوڙين اميدن تي خوش، غفلت ۾ رات ڏينهن گذارڻ وارا هئا، پوءِ توهان کي خبر آهي ته رات جي وقت انهن جي گھرن ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جو عذاب آيو ته صبح جو انهن مان اڪثر پنهنجي گھرن ۾ منهن ڀر اونڌا رهجي ويا ۽ انهن مان جيڪي بچي ويا اهي الله عَزَّوَجَلَّ جي عذاب ۽ ان جي نعمتن جي زوال ۽ هلاڪت ۾ مبتلا ٿيڻ وارن جي ڪِريل گھرن جا آثار ڏسندا رهجي ويا، هن ۾ نشاني آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي درد ناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا ۽ عبرت آهي انهن جي لاءِ جيڪي دل ۾ خدا جو خوف رکن ٿا، ۽ هاڻي انهن کان پوءِ اوهان جي مدت تمام ٿوري آهي ۽ دنيا عارضي آهي ۽ اهڙو زمانو اچي ويو آهي جو نه عفو و درگذر آهي ۽ نه نرمي بلڪ بُرائي جي گَپ، باقي رهيل رنج ۽ غم، عبرت ناڪ ڊيڄاريندڙ شيون، بچيل سزائن جا اثرات، فِتنن جا سيلاب، لڳاتار زلزلا ۽ بدترين جانشينن جو دور جاري آهي. انهن جي برائين جي ڪري پاڻيء ۽ خشڪي ۾ خرابي ظاهر ٿي آهي، پوءِ اوهان انهن وانگر نه ٿجو جنهن کي وڏين اميدن ۽ وڏين مدتن دوکي ۾ وجھي ڇڏيو آهي ۽