Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

انهن کي ٻڌايو ويو: اهي حضرت سيدنا امام شافعي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه  هئا.

(اِحياءُ الْعُلوم،۱ /۴۵بِتَغَير،نيڪي جي دعوت ۳۸۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ڪروڙين شافِعين جي پيشوا حضرت سيدنا محمد بن اِدرِيس المعروف ”امام شافعي“ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ڪيڏي نه محبت ۽ شفقت سان انفرادي ڪوشش فرمائي ۽ سٺي طريقي سان وضو نه ڪندڙ نوجوان جي وضو جي اصلاح به ڪئي ۽ ان کي نيڪي جي دعوت به ڏني، ڪاش! اسان به اهو انداز اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، اسان کي به اها توفيق نصيب ٿي وڃي ته جڏهن ڪنهن جي وضو ۾ غلطيون ۽ نماز ۾ ڪوتاهيون ڏسون، ڪوڙ، غيبت ۽ چغلي جي گناهن ۾ ڪنهن کي مبتلا ڏسون ته پَر پُٺ ان تي اجائي تنقيد ۽ ان جي بُرائي ڪري پاڻ کي غيبت جي اونهي کڏ ۾ اڇلائڻ جي بدران ان کي گناهن جي دلدل مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيون، نهايت نرمي ۽ پيار سان ان کي سمجھائڻ۽ آخرت جي ثواب جا خزانا حاصل ڪرڻ وارا بڻجون، اسان خلوص نيت سان سمجھائينداسين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جو ضرور فائدو ٿيندو ۽ فائدو ڇو نه ٿيندو سمجھائڻ جي فائدي پهچائڻ جو ربُّ الانام عَزَّوَجَلَّ پنهنجي سچي ڪلام ۾ اِعلان فرمائي رهيو آهي  جيئن دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ترجمي واري پاڪيزه قرآن ”ڪنزالايمان مع خزائن العرفان“ صفحي 964 سيپاري 27 ۾ سورة الذّٰرِيٰت آيت نمبر 55 فرمان آهي:

وَّ ذَکِّرۡ فَاِنَّ الذِّکۡرٰی تَنۡفَعُ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۵۵﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان؛ ۽ سمجهاءِ جو سمجهائڻ مسلمانن کي فائدو ڏي ٿو .

 اچو! اسان سڀ به نيت ڪيون ٿا ته ڪنهن کي گناھ ۾مُبتَلا ڏسي ان کي نَرمي سان سمجھائڻ جي ڪوشِش ڪنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔۔۔ ٻين جي اِصلاح