Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

ڳالهيون مَعمُولي هجن۔ (تفسير نورالعرفان،ص۷۶۶)

جسے نیکی کی دَعْوَت دُوں اُسے دیدے ہِدایَت تُو

زَباں میں دے اَثَر کردے عطا زورِ قلم مَوْلیٰ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اوهان ٻڌو ته مُفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ڇا فرمائي رهيا آهن ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري جي ٻولي ربِّ ڪريم عَزَّوَجَلَّ کي وڏي پياري لڳي ٿي، اي بيان ڪرڻ وارا خوش نصيب اسلامي ڀائرو! اي مدني درس جي سعادت حاصل ڪرڻ وارا سعادت مندؤ، اي روزانو 5 مدني ڪمن، هفتيوار 5 مدني ڪمن ۽ مهينوار 2 مدني ڪمن جي ذريعي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ وارا عاشقانِ رسول پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ جي رحمت تي خوش ٿيو جو ربِّ عظيم عَزَّوَجَلَّ کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري جي ٻولي نهايت پياري لڳي ٿي، ڪو طعنو ڏئي، ڳالهيون ٺاهي، ڪجھ به چوي، همّت نه هاريو، بلڪ طائف ۾ پٿرن جا زخم سهڻ واري غمخوار آقا ،مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ياد ڪيو، ڪافرن جي ظلم ۽ ستم کي سهڻ واري لجپال، آمنه جي لال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ياد ڪيو، بُک سبب پيٽ تي پٿرٻَڌڻ جي باوجود، مخالفت ۽ طرح طرح جي اِلزامن جي باوجود نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري محبوبِ اعظم، رسولِ محترم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ياد ڪريو۔

دلِ مغموم کا سب حال آقا تم پہ ظاہر ہے

 

شہا! ہُوں مرہمِ تسکیں کا سائل یارسول اللہ

غم و آلام کا مارا ہوں آقا بے سہارا ہوں

 

مری آسان ہو ہر ایک مشکل یارسول اللہ

تمہیں دیتا ہوں مو لیٰ واسطہ میں چار یاروں کا

 

مرے ہوجائیں طے مشکل مراحل یارسول اللہ

جو تُوچاہے تَو میرے غم کی بیڑی گِر پڑے کٹ کر

 

نہیں تیرے لئے یہ کوئی مشکل یارسول اللہ

(وسائلِ بخشش،۳۳۵)