Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

اهي خواهشات جا پيروڪار بڻيا رهجي ويا . اسان الله عَزَّوَجَلَّ کان سوال ڪيون ٿا ته اسان کي ۽ توهان کي انهن ماڻهن مان ڪري جيڪي پنهنجي نذر (يعني باس) جي حفاظت ڪندي ان کي پورو ڪندا آهن ۽ پنهنجي (حقيقي) ٺڪاڻي کي سڄاڻي پاڻ کي تيار رکندا آهن. (تاريخ دِمشق ،۳۵/۲۰۸،رقم:۳۹۰۷)

مَوْت ٹھہری آنے والی آئیگی            

رُوح رَگ رَگ سے نکالی جائے گی  

قَبْر میں مَیِّت اُتَرْنی ہے ضَرور

 

جان ٹھہری جانے والی جائیگی

تجھ پہ اِک دن خاک ڈالی جائے گی

جیسی کَرنی ویسی بھرنی ہے ضَرور

 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح هڪ بُزُرگ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي اِنفِرادي ڪوشِش ۽ اُمَّت جي اصلاح جي جذبي بابت غافِلن کي ڏڪائيندڙ هڪ ٻي حِڪايت ٻڌو جيئن،

عُتبَه جو عجيب واقِعو

دعوتِ اِسلامي جي اِشاعَتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 692 صَفحن تي مُشتَمِل ڪتاب ”مُڪاشَفُة القُلُوب“ صَفحي نمبر67 تي آهي ته عُتْبَۃُ الْغُلَام (توبه کان پهريان) جنهن جي فتنه انگيزي ۽ شراب نوشي جون داستانون مشهور هيون ، هڪ ڏينهن حضرت سيدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي مجلس ۾ آيا، حضرت سيّدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن آيت شريف جو تفسير بيان ڪري رهيا هئا:

اَلَمۡ یَاۡنِ لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنۡ تَخۡشَعَ قُلُوۡبُہُمۡ
 لِذِکۡرِ اللّٰہِ
    (پ 27 الحديد 16)

ترجمو ڪنزالايمان: ڇا ايمان وارن جي واسطي اڃا اهو وقت نه آيو جو انهن جون دليون جُهڪي وڃن الله جي ياد (جي لاءِ)

پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن آيت جي اهڙي تشريح (يعني تفسير )  بيان فرمايائون جو