Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

سان گڏوگڏ پنهنجي به اِصلاح جي ڪوشِش ڪنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔۔۔پنهنجي اَهل وعَيال تي اِنفِرادي ڪوشِش ڪري گھر ۾ مَدَني ماحول بڻائينداسين،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔۔۔

    گھر ۾ مدني ماحول ۾ بنائڻ جي لاءِ اميرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي
دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا عطا ڪيل 19مدني گل قبول فرمايو، اهي مدني گل اوهان کي 72 مدني انعامات جي رِسالي جي صفحي نمبر28 تان ملي ويندا۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي بُزُرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين پنهنجون زِندَگيون مُسَلمانن جي اِصلاح جي ڪوشِش ڪندي گُذاري ڇڏيون، ڪن پنهنجي پُراَثَر تَحريرن ذَرِيعي، بعض تَقرِيرن ذَرِيعي ۽ بعض ٻنهين طَريقن سان مُسَلمانن جي اِصلاح جو مُقَدَّس ڪم سَراَنجام ڏنو، هن ڳالھ کي ائين سمجھو ته هي حضرات ڄڻ ته رُوحاني طَبِيب جي حَيثِيت رکن ٿا ۽ انهن جون مَحفلون ڄڻ ته شِفا خانا آهن جو جتي نه ٽوڪن وٺڻو پوي ٿو، نه لائن لڳائڻي پوي ٿي ۽ نه ئي ڪا فِيس وغيره ورتي ويندي آهي بلڪ هتي جو دَستُور ئي نِرالو آهي جو ڪُفر جي تاريڪي ۾ ڀٽڪيل ۽ فِسق وفُجُور ۾ مُبتَلا مَرِيض جڏهن انهن جي رُوحاني شِفا خانن تي ايندا آهن ته انهن الله وارن جي بارگاھ مان هٿو هٿ اِنهن کي قرآني آيتون، تَفسير، اَحادِيث، شُرُوحات، عِبرَت آموز وَاقِعات ۽ حِڪايات مان چُونڊي چُونڊي مَدَني گل عَطا ڪيا ويندا آهن، جننهن سان مُتَاثِّر ٿي غير مُسلِمن کي اِيمان جي دَولَت جڏهن ته بي شُمار گُناھگارن کي تَوبَه جي تَوفِيق نَصيب ٿي ويندي آهي۔

سَيّدُنا اِمام اَوزَاعي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي رِقَّت اَنگيز نيڪي جي دَعوَت

حضرت سيدنا امام اوزاعي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه بيان ڪندي ارشاد فرمايو: ”اي انسانو! (دنيا ۾ مليل) انهن نعمتن جي ذريعي الله عَزَّوَجَلَّ جي ان ڀڙڪندڙ باهه