Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

ماڻهو روئڻ لڳا، هڪ نوجوان بيهي چوڻ لڳو:  اي مومن ٻانها! ڇا  مون جهڙو فاسِق ۽ فاجربه جيڪڏهن توبه ڪري ته الله عزّوجلّ قبول فرمائيندو ؟ پاڻ فرمايو: بيشڪ الله تعالـٰي تنهنجي توبه قبول فرمائيندو، جڏهن عُتبةُ الغلام اها ڳالهه ٻڌي ته سندن جو چهرو ڦڪو ٿي ويو، سڄو بدن ڏڪڻ لڳو، رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ غش ٿي ڪري پيا، جڏهن هوش آيو ته حضرت سيدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه سندن جي ويجھو اچي اهي شعر پڙهيا:

(1) اي الله عزّوجل جا نافرمان نوجوان! ڇا تون ڄاڻي ٿو ته نافرماني جي سزا ڇا آهي؟ (2) نافرمانن جي لاءِ پر شور جهنّم آهي ۽ حشر واري  ڏينهن  الله تعاليٰ جي سخت ناراضي آهي ، (3)  جيڪڏهن تون جهنّم جي باهه تي راضي آهين ته  ته بيشڪ گناهه ڪندو رهه ، نه ته گناهن کان رڪجي وڃ . (4) تو جيڪي گناهه ڪيا آهن ان ۾ تو پنهنجي نفس کي ڦاسائي ڇڏيو، ته هاڻي نجات جي لاءِ ڪوشش ڪر _

          عُتبَه وري رڙ ڪئي ۽ بي هوش ٿي ويا، جڏهن ڪجھ هوش آيو ته چوڻ لڳا: اي شيخ! ڇا مون جھڙي بدبخت جي توبه به رب رحيم عَزَّوَجَلَّ قبول فرمائيندو؟ شيخ فرمايو: درگزر ڪرڻ وارو رب ظالم ٻانهي جي  توبه قبول فرمائي وٺندو آهجي، الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي گنهگار ٻانهي جي توبه ۽ معافي قبول فرمائيندو آهي، پوءِ حضرت سيدنا عُتۡبَه  رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه  مٿو کڻي رب عزّوجلّ ٽي دعائون ڪيون:  ]1[ اي منهنجا الله عَزَّوَجَلَّ! جيڪڏهن تو منهنجي توبه قبول ڪري ورتي ۽ منهنجا گناهه معاف فرمايا آهن ته اهڙي  ياداشت ۽ فهم (سمجهداري )سان منهنجي عزرت افزائي فرما  جو مان قرآن ڪريم ۽ دين جي علم  مان جيڪو ٻڌان ، ان کي ڪڏهن فرماوش (ڀلايان ) نه ]2[ اي الله عَزَّوَجَلَّ! مون کي پُرسوز آواز جي آواز سان نواز، جيڪڏهن ڪو پٿر دل به منهنجي قِراءَت ٻڌي ته ان جي