Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

و عاشقانِ غوثِ اعظم هفتيوار گڏ ٿيندا آهن ”گُونگن ٻوڙن ۽ نابين اِسلامي ڀائرن جي لاءِ مَجلسون قائم آهن، ”مَختَلِف سَطح جي مُشَاوَرَتن جو قِيام“ ۽ ان طرح سُنَّتن جي خِدمت جا شُعبا قائم ڪرڻ کان پوءِ سمورو نظام”مَرڪزِي مَجلسِ شُوريٰ“ جي سِپُرد ڪري ڇڏيو، بلڪ اهو ئي نه، سندن دعوتِ اسلامي سان مَحَبَّت ۾ ان عظيم فيصلي جي نهايت ئي پياري جھلڪ گذريل سال وڏي يارهين شريف جي مبارڪ رات (يعني11ربيع الاخر) ۾ ڏٺي هوندي، جنهن ۾ پاڻ پنهنجي پٽ حضرت مولانا الحاج ابو اُسيد عبيد رضا عطاري مدني سَلَّمَه الْغَنِي کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو ۽ ان کي به دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ سان گڏجي مدني ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي مدني تربيت به فرمائي۔ وقت بوقت پاڻ مدني ڪمن جي ڪارڪردگي ملاحظه به فرمائيندا آهن ۽ ضَرُورتاً اِصلاح جي بغدادي گلن سان به نَوازيندا آهن، ان جي عِلاوه بَيان ۽ مَدَني مُذَاڪرا ۽ تَحريري رسالا ۽ ڪتاب عطا فرمائي به اُمّتِ مُسلمه کي سُنَّتن جو پابند بڻائڻ جي ڀرپُور سَعِي (ڪوشِش) فرمائيندا آهن، سندن تَحريري ڪوششن مان هڪ بهترين ڪوشش سندن درسي ڪتاب ”نيڪي جي دَعوَت“ به آهي، جنهن ۾ اوهان نيڪي جي دَعوَت جي ضَرُورت، نيڪي جي دَعوَت جي فضيلت، نيڪي جي دَعوت تَرڪ ڪرڻ جا نُقصان وغيره تي مُشتَمِل قيمتي اَنمول مَدَني گلن کي بيان ڪرڻ فرمايو آهي، اهو ڪتاب "فيضانِ سُنّت"جلد 2 جو هڪ باب آهي، ان ڪتاب مان مدني درس (درسِ فيضانِ سُنّت) ڏيڻ بابت تاڪيد آهي۔ هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بَستي تان هدِيةً طَلَب فرمايو، ان کي پاڻ به پڙھو ۽ پنهنجن دوستن کي به پڙھڻ جي تَرغِيب ڏياريو، دعوتِ اِسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پِرِنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

ا