Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

سعد بن مُعاذ ايندي ئي ٻنهي کي بُرو ڀلو چوڻ شروع ڪيو، حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ (انفرادي ڪوشش جو آغاز ڪندي انهن کي به نهايت) نرمي ۽ مٺاس سان نيڪي جي دعوت ٻڌڻ جي لاءِ آمادو ڪري ورتو، اهي به پنهنجو نيزو زمين تي کوڙي سندن ويجهو ويهي رهيا، حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ به ان تي اسلام جي خوبين سان مالا مال مدني گل پيش ڪيا ۽ سورة الزُخرُف جون شروعاتي آيتون به پڙهي ٻڌايون قرآني آيتون تاثير جو تير بڻجي ان جي دل ۾ اثر ڪري ويون ۽ انهن به اسلام قبول ڪري ورتو، اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ حضرت سيِّدُنا معاذ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پنهنجي قوم ڏانهن واپس موٽيا ۽ انهن کي فرمايو: توهان منهنجي باري ۾ ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟ سڀني گڏجي چيو: اوهان اسان جا سردار آهيو ۽ اوهان جي راءِ درست ۽ دور رَس (يعني بصيرت واري) هوندي آهي، حضرت سيِّدُنا سعد بن معاذ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمايو: ”پوءِ مون کي توهان جي مردن ۽ عورتن سان ان وقت تائين ڳالهائڻ حرام آهي جيستائين توهان الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ايمان نه آڻيو۔“ راوي فرمائن ٿا؛ خدا جو قسم! شام نه ٿي هئي جو ان قبيلي جا سڀئي مرد ۽ عورتون مسلمان ٿي چڪا هئا۔ (البدايۃ والنهايۃ،باب بدء اسلام الانصار،۲ /۵۲۷ تا۵۲۹ملخصاً)

سارا قَبِیْلَہ اِیماں لایا میٹھے بول کی بَرَکت سے

بنتے کام بگڑ جاتے ہیں سُن لو بے جا شِدَّت سے

(نيڪي جي دعوت،ص۵۱۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جا صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ڪيئن پنهنجي جان تري تي رکي نيڪي جي دعوت جون ترڪيبون ڪندا هئا، هن حڪايت سان اهو به درس مليو ته شخصيات مثال طور امير حضرات، وڏن وڏن واپارين،