Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

مِل مالڪان (Mill Owners) ڊاڪٽرز (Docters)، ٽيچرز (Teachers)، اهڙين وڏين ذِميدارين تي فائز ماڻهو جنهن جي ڳالھ کي اهميت ڏني ويندي آهي، خاندانن، قبيلن جي وڏن سردارن، وڏيرن، مالدار، صاحبِ ثروت ماڻهو، مختلف اِدارن ۽ مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکڻ وارا اهڙا وڏا ماڻهو جنهن جي ڳالھ مڃي ويندي آهي، انهن تي انفرادي ڪوشش جا نتيجا تمام سٺا نڪري سگھن ٿا جيئن ته بنو اسلم قبيلي جي ٻن سردارن تي جڏهن انفرادي ڪوشش ڪئي وئي ته انهن نيڪي جي دعوت قبول ڪري اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي سڄي قبيلي کي مسلمان ڪري ڇڏيو، هي به ياد رهي! دنيوي شخصيات سان ملاقات ڪري ان جو احترام ڪري، ان مان بعض جون ”وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ ڪارناما“ ان جي زباني ٻڌي ڪري واهه واهه ڪري ۽ ها ۾ ها ملائي ڪري موٽڻ مُبلغ جي منزل ناهي، ڪامياب مُبَلِّغ اهو آهي جيڪو وڏي کان وڏي دنياوي شخصيت مثلاً وزير، حڪومتي اَفسر، سرمائيدار، وغيره سان مرعوب نه ٿئي، ان جي طرف کان بالفرض هيڏانهن هوڏانهن جون دنياوي ڳالهيون به ٿين ته ان جي مقابلي ۾ نيڪي جي دعوت ئي ڏيندو رهي، خدا ناخواسته جيڪڏهن ڪا شخصيت ”ڪوڙيون ڊاڙون“ هڻڻ لڳي ته هرگز ان جي ها ۾ ها نه ملائي، ٿي سگھي ته ان جي اصلاح ڪري، جيڪڏهن ائين نه ٿي سگھي ته دل ۾ ان کي برو ڄاڻي  ڪري ڳالهه ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪري، ان کي نماز جي تلقين ڪري، سنتن تي عمل جو ذهن ڏئي، ان کي هي احساس ڏياري ته عزت ۽ ذلت ڏيڻ جو اختيار پروردگار وٽ آهي، اوهان انهي منصب مان جائز فائدو وٺي ڪري اسلام جي خدمت ڪيو، ڇوته عام ماڻهن جي تمام گھڻي جدوجهد سان جيڪو ڪم ٿي سگھي ٿو ان جي مقابلي ۾ اوهان ٿوري ڪوشش ڪريو ته دين جو تمام گھڻو ڪم ڪري سگھو ٿا، جيڪڏهن اوهان سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ۽ مدني قافلي ۾ سنتن ڀري سفر جي لاءِ تاريخ عنايت فرمايو