Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جانِثار صَحابَهعَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين کي هي عظيم فريضو حوالي ڪيو ويو، اُمَّت جي اِصلاح جي مَدَني جَذبي سان سَرشار هنن حضرات جڏهن ماڻهن کي نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ جو مَدَني ڪم شُروع ڪيو ته گلن جي پَتِّين يا هارن سان انهن جو اِستِقبال نه ڪيو ويو بلڪ هن اِحسَان جي بَدلي ۾ انهن تي ظُلم ۽ سِتَم جا پهاڙ ٽوڙيا ويا، قَيد ۽ بَند جون اَذِيتون ڏنيون ويون، جِسم جون کلون تائين ڇڪيون ويون، گَرم ريت تي گھيليو ويو، تِير، تَلوار ۽ نيزن سان جِسمن کي زخمي ڪيو ويو، ايستائين جو هن راھ ۾ انهن حضرات پنهنجي جانين جي به پَرواهه نه ڪئي ۽ ڪيئي هستين ته شَهادت جو جام به پيتو، مطلب ته جنهن عَظِيمُ الشَّان انداز ۾ انهن الله وارن ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش جو فَرِيضو سَراَنجام ڏنو، اهو پنهنجو مثال پاڻ آهي ۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن ته اڄ حالات ان جي ابتڙ آهن ڇوته اڄ ماڻهو مُبَلِّغن جو نِهايت اَدَب ۽ اِحتِرام ڪن ٿا ۽ انهن کي اکين تي ويهارين ٿا، پر ان جي باوُجُود اسان جي سُستي جو عالَم هي آهي جو اسان جي آس پاس بلڪ پاڙي ۾ مختلف بُرائين ۽ خُرَافات جو سِلسِلو زور ۽ شور سان ٿئي پيو، نيڪي جي دَعوَت جا اسان کي گھڻا موقعا ملندا آهن، پر افسوس! اُنهن کي گناهن ۾ مُبتَلا ڏسي انهن جي اِصلاح تي قُدرَت هئڻ باوُجُود اسان سُستي يا شَرم جي سبب ”يا شَيخ اپنی اپنی ديکھ“ جا مِصدَاق محض پنهنجي اِصلاح ۾ مَشغُول رهي انهن جي اِصلاح کان غافِل رهون ٿا۔ ياد رکو! اِصلاح جي قُدرَت هئڻ بَاوُجُود پاڙيسرين ۽ گُناهن ۾ مُبتَلا ماڻهن جي  اِصلاح کان پاسو ڪرڻ سَراسَر نُقصان جو سبب آهي جيئن ته هڪ دل لوڏي ڇڏيڻ واري رِوايت ٻڌو ۽ نيڪي جي دعوت جي ڌُوم مچائڻ جو ذهن بڻايو۔

ڪپيل ڪنن وارو ٻوڙو