Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

ته صرف اوهان جو نالو ٻڌي ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي اسلامي ڀائر اجتماع جي حاضري ۽ مدني قافلي ۾ سفر تي آماده ٿي وڃن.

مُبلّغ کي گھرجي ته جڏهن هڪ ڀيري ڪنهن ”شخصيت“ سان ملي وٺي ته گھٽ ۾ گھٽ ايترو عرصو ان سان ضرور رابطي ۾ رهي جيستائين ان کي مدني قافلي ۾سفر جو عادي بڻائي ڪري ٻين کي به مدني قافلي جو مسافر بڻائڻ وارو نه بڻائي ڇڏي.  ۽ اهو پاڻ به ”مسجد ڀريو تحريڪ“ جو حصو بڻجي نيڪيون ڪرڻ بلڪ ٻين کي به نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو بڻجي وڃي،اهو پاڻ به مدني انعامات جو عامل بڻجي، ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيارڻ وارو بڻجي وڃي۔ هر نئين اسلامي ڀاءُ سان رابطي جو اهو ئي انداز هجڻ گھرجي، عارضي طور تي هٿ ملائي ڪري صرف رسمي گفتگو ڪرڻ کي ڪافي نه سمجھيو وڃي، خبردار! ڪنهن به” شخصيت “کان پنهنجا ذاتي ڪم نه وٺي، نوڪري يا ڪاروبار يا قرض وغيره جي ترڪيب نه ڪري بلڪ اجتماع جي حاضري ۽ مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ انفرادي ڪوشش ڪري.

میں نیکی کی دَعْوَت کی دُھومیں مَچاؤں

بَدِی  سے  بَچُوں  اور  سب  کو  بَچاؤں

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! بِگڙيل ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشِش ڪرڻ، يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ، ڪو نئون يا مَعمُولي ڪم ناهي بلڪ هي اهو عَظِيمُ الشَّان ڪم آهي جو جنهن کي اَنبِياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تمام سٺي طريقي سان سَراَنجام ڏنو، پوءِ جڏهن نُـبُوّت جو دروازو بند ٿيو ته مَدَني آقا، حبيبِ