Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

سندن جي سامهون آيو ۽ سلام ڪرڻ کان پوءِ عرض ڪرڻ لڳو؛ اي ابو يوسف! مون کي ڪجھ نصيحت فرمايو، اهو ٻڌي پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه روئي پيا ۽ (نيڪي جي دعوت پيش ڪندي) فرمايائون؛ اي ڀاء بيشڪ ڏينهن رات جو جلدي جلدي اچڻ وڃڻ، اوهان جي بدن جو ڳرڻ، عمر جي ختم ٿيڻ، ۽ هر دم موت جي ويجھو ٿيڻ جي خبر ڏئي رهيو آهي، انهيءَ ڪري منهنجا ڀاءُ! اوهان کي ان وقت تائين هرگز مطمئن ٿي نه ويهڻ گھرجي جيستائين چڱي خاتمي جي خبر نه پئجي وڃي، ۽ اها خبر نه پوي جو جنت ۾ وڃڻو آهي يا جهنم ٺڪاڻو آهي؟ ۽ هي خبر نه پوي جو توهان جو پروردگار عَزَّوَجَلَّ اوهان جي گناهن ۽ غفلتن جي ڪري ناراض آهي يا پنهنجي فضل ۽ ڪرم سبب توهان سان راضي آهي. اي ڪمزور انسان! پنهنجي اوقات نه وسار! توهان جي ابتدا هڪ ”ناپاڪ قطرو“ آهي جڏهن ته انجام سڙيل مُردو،  جيڪڏهن اڃا هي نصيحت سمجھ ۾ نه اچي رهي آهي ته جلد ئي سمجھ ۾ اچي ويندي جنهن وقت اوهان قبر ۾ ويندو، اتي گناهن تي ندامت ته ٿيندي پر ڪم نه ڏيندي، اهو فرمائي پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه روئڻ لڳا ۽ اهو شخص به متاثر ٿي روئڻ لڳو، راوي چون ٿا: انهن ٻنهي کي ڏسي مان به روئڻ لڳس ۽ ايستائين جو اهي ٻئي بيهوش ٿي ڪري پيا.

                                     (ذم الھوي،الباب الخمسون فيه وصايا …الخ، ص۴۳۷ ملخصاً)(نيڪي جي دعوت،ص۶۲)

مجھے سچّی تَوْبَہ کی تَوْفِیْق دیدے  

 

پئے  تاجدارِ  حرم  یااِلٰہی!

جو ناراض تُو ہو گیا تو کہیں کا     

 

رَہُوں گا نہ تیری قَسَم یااِلٰہی!

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حِڪايت ۾ اسان جي لاءِ کوڙ سارا مَدَني گل مَوجُود آهن مثال طور مُبَلِّغ کي کپي ته جڏهن ان کي اِنفِرادي يا اِجتِماعي صُورت ۾ مُسَلمانن جي اِصلاح جي ڪوشِش ڪرڻ جي سَعَادَت نَصيب ٿئي ته پاڻ کي