Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

حشْر تک جشنِ وِلادت ہم مناتے جائیں گے

جھوم کر سارے کہو آقا کی آمد مرحبا

تم کرو جشنِ وِلادت کی خوشی میں روشنی

ذِکرِ مِیلادِ مبارک کیسے چھوڑیں ہم بھلا

 

مرحبا کی دُھوم یارو!ہم مچاتے جائیں گے

حشْر میں بھی ہم یہی نعرہ لگاتے جائیں گے

وہ تُمہاری گورِ تِیرہ جگمگاتے جائیں گے

جن کا کھاتے ہیں اُنہِیں کے گِیت گاتے جائیں گے

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص416 تا418)

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيئن ته الله عَزَّ وَجَلَّ جي رحمت آهن جيڪي نه صرف هڪ قوم يا ملڪ جي لاءِ ئي نه بلڪ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام عالمين جي لاءِ رحمت آهن جيئن ته سيپاري 17 سُورَةُ الاَنبِياء آيت نمبر 107 ۾ ارشاد آهي:

وَ مَاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا رَحۡمَۃً لِّلۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷﴾  

   (پ 17 الانبياء 107)

 

ترجموڪنزالايمان: ”۽ اسان تو کي نه موڪليو پر رحمت سموري جهان جي واسطي.“

رحمتِ الٰهي ملڻ تي خُوشي مَلهائڻ جو حڪم ته الله عَزَّوَجَلَّ خود ارشاد فرمايو آهي، جيئن سيپاري 11 سُوره يونُس جي آيت نمبر 58 ۾ اِرشاد آهي۔

قُلۡ بِفَضۡلِ اللہِ وَ بِرَحۡمَتِہٖ فَبِذٰلِکَ فَلۡیَفۡرَحُوۡا ؕ ہُوَ خَیۡرٌ مِّمَّا یَجۡمَعُوۡنَ ﴿۵۸﴾

 (پ 11 يونس 48)

 

ترجمو ڪنزالايمان: ”تون فرماءِ الله جي فضل ۽ سندس رحمت تي جڳائي ته خوشي ڪن، اهو انهن جي سموري ڌن دولت کان بهتر آهي.

حڪيم الاُمَّت مُفتي اَحمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه هن آيت سڳوري تحت اِرشاد فرمائن ٿا: اي مَحبُوب! ماڻهن کي اِها خُوشخبري ڏئي ڪري اهو حڪم به ڏيو ته الله (عَزَّوَجَلَّ) جي فَضل ۽ ان جي رَحمَت مِلڻ تي خُوب خُوشيون ڪيو۔ عام خُوشي ته هر وَقت ڪيو ۽ خُصُوصي خُوشي اُنهن تاريخن ۾ جِن ۾ اِها