Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

جيڪو انهن منهنجي ولادت جي وقت ڏٺو هو، منهنجي پيدائش جي وقت هڪ نُور منهنجي والِدَه محترمه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها جي لاءِ ظاهر ٿيو جنهن سان ملڪِ شام جا محل سندن اڳيان روشن ٿي ويا۔       (ماثَبَتَ بالسنۃ،ذڪر شھر ربيع الاول ،ص۱۳۷ )

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

صحابَه ڪرام به يومِ مِيلاد ملهايو

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح الله عَزَّوَجَلَّ قرآنِ پاڪ ۾ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جو ذڪر فرمايو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪمالات کي بيان فرمايو ۽ پاڻ سرڪارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پنهنجي وِلادتِ مُبارَڪه جا تذڪرو ڪيو، اهڙي طرح صحابَه ڪرامعَلَيهِمُ الّرِضْوَان به پنهنجن پنهنجن محفلن ۾ حُضُورِ اڪرم، شهنشاه اُمم، محبوبِ ربِّ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جا خُوب خُوب چرچا ڪيا۔ جيئن

حضرتِ سَيدُنا ابُوسعيد رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته حضرتِ سَيدُنا مُعاوِيه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه جن فرمايو: هڪ ڀيري سرڪارِ والا تبار، شهنشاه ابرار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابَه ڪرام عَلَيهِمُ الّرِضوَان جي هڪ حلقي وٽ تشريف کڻي آيا ۽ پڇيائون: توهان کي هتي ڪهڙي شيء ويهاريو آهي؟ صحابَهء ڪرام عَلَيهِمُ الّرِضوَان عرض ڪيو اسان الله عَزَّوَجَلَّ جو ذِڪر ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون، ان جو شڪر ادا ڪري رهيا آهيون جو ان اسان کي اسلام جي هدايت سان نوازيو ۽ اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذريعي اسان تي وڏو احسان فرمايو، ته سندن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! ڇا توهان کي صرف ان شيء اتي ويهاريو آهي؟ عرض ڪيائون: الله عَزَّ وَجَلَّ جو قسم! اسان کي ان کان سواءَ ڪنهن ٻي شيءِ ناهي ويهاريو، ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مون وٽ جبرائيل عَلَيه السَّلام آيو