Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

سلسلي ۾ دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ واري اجتماعِ مِيلاد ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مدني بهارون به موجود آهن۔  (هن رسالي جو سنڌي  ۽ دنيا جي مختلف زبانن ۾ترجمو ٿي چڪو آهي) تنهنڪري اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبة المدينه تان ھَدِيو ڏئي طلب ڪيو، پاڻ به ان جو مُطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن رِسالي کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ميلاد ِ مصطفٰي جي برڪتن کان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي زيرِ اِهتمام پاڪستان سميت ٻين ڪيئي ملڪن ۾ مختلف هنڌن تي هر سال عيدِ ميلادُالنبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شاندار طريقي سان ملهايو ويندو آهي۔ ربيعُ الاوّل جي ٻارهين رات تي عظيم الشَّان اجتماعِ ميلاد جو اِنعقاد ٿيندو آهي،"صبحِ بهاران" ۾ پُرنور سُهاني گھڙين جو وڏي ادب ۽ اِحترام ۽ نهايت ئي عقيدت سان هٿ ٻَڌي اِستقبال ڪيو ويندو آهي ۽ عيد جي ڏينهن (12ربيع الاوّل) ”مرحبا يا مُصطفٰي“ جون ڌومون مچائيندي بي شُمار جُلوسِ ميلاد ڪڍيا ويندا آهن، جنهن ۾ لکين عاشقانِ رسول شريڪ ٿيندا آهن۔

عیدِ میلادُ النَّبی تو عید کی بھی عید ہے

بالیقیں ہے عیدِ عیداں عیدِ میلاد النَّبی

هفتيوار مدني ڪم

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مُشڪبار مدني ماحول سٺي صُحبت