Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

علاوه ها، جنهن کي پوشيده طور تي ڪيو ويندو هو۔ (سبل الهدي والرشاد،ج۱،ص۳۶۲،بتغير قليل )

مَکۃُ المُکرَّمَۃ ۾ محفلِ ميلاد جو انعقاد

شيخُ الحديث حضرتِ علامه عبد المصطفٰي اعظمي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه پنهنجي تصنيف ”سيرتِ مصطفٰے“ جي صفحي نمبر 72 تي لکن ٿا ته جنهن مُقدَّس مڪان ۾ حُضُورِاقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي، تاريخِ اسلام ۾ ان مَقام جو نالو ”مَوْلِدُ النَّبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (نبي جي پيدائش جي جڳھ) آهي، اهو نهايت ئي بابرڪت مقام آهي۔ مسلمان حڪمرانن ۽ ميلاد جون محفلون سجائڻ وارن بادشاهن ان مُبارَڪ يادگار تي نهايت ئي شاندار عمارت ٺاهي هئي، جتي حرمينِ شريفين وارا ۽ تمام دنيا کان ايندڙ مسلمان ڏينهن رات محفلِ ميلاد شريف منعقد ڪندا ها ۽ خُوب صلوٰة و سلام پڙھي ان جو نذرانو سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ پيش ڪندا رهندا ها۔ جيئن

ملائڪن جا انوار

مشهور محدِّث حضرتِ سَيدُنا شاھ وَلِي الله محدثِ دهلوي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه پنهنجي ڪتاب ”فيوضُ الحرمين“ ۾ تحرير فرمايو آهي ته مان هڪ ڀيرو ان محفلِ ميلاد ۾ حاضر ٿيس، جيڪا مڪي شريف ۾ربيعُ الاَوَّل جي ٻارهين تاريخ تي مولدُ النبي (يعني سرڪارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت گاھ) ۾ منعقد ٿي هئي، جنهن وقت ولادت جو ذڪر پڙھيو پئي ويو ته مون ڏٺو ته اوچتو ان مجلس مان ڪجھ انوار بُلند ٿيا، مون ان نور تي غور ڪيو ته معلوم ٿيو ته اُهي رحمتِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ ۽ انهن ملائڪن جا انوار ها جيڪي اهڙين محفلن ۾ حاضر ٿيندا آهن۔ (سيرتِ مصطفٰي ،ص ۷۲-۷۳)