Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

نوجوان جي اک کلي وئي صبح ٿيندي ئي ان پنهنجو گهر گهٽ قيمت ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ مرحوم والد جي بچيل پنجاهه درهمن ۾ سڄي رقم ملائي کاڌي جو اهتمام ڪيائين ۽ عُلَماء ۽ صُلَحاء (يعني نيڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن) جي دعوت ڪيائين، سندس دل دنيا کان بيزار ٿي چڪي هئي پوءِ هو مسجد ۾ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي زندگيءَ جا باقي ٽيهه سال عبادت ۾گذاري ڇڏيا، وفات کان پوءِ ڪنهن کيس خواب ۾ ڏسي پڇيو ڇا گذريو؟ چيائين: مون کي جشنِ ولادت ملهائڻ جي برڪت سان جنت ۾ پنهنجي والدِ مرحوم وٽ پهچايو ويو آهي.                   (صبح بهاراں ،ص۸تا۱۱)

بخش دے مجھ  کواِلٰہی ! بہرِ میلادُ النّبی     

 

نامَۂ اعمال عِصیاں سے مِرا بھر پور ہے

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جشنِ عيد ميلادُالنبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملهائڻ وارن جو ايمان افروز واقعو توهان  ٻڌو، واقعي الله عَزَّوَجَلَّ ميلاد شريف ملهائڻ وارن سان خوش ٿيندو آهي ۽ ان تي پنهنجن انعامن ۽ نوازشن جي بارش به ڪندو آهي۔ يقيناً ميلاد شريف ملهائڻ، ميلاد جي مهيني ۾ پنهنجن گھرن، گهٽين پاڙن بلڪ پنهنجي گاڏين کي مدني پرچمن، جڳمڳ ڪندڙ قُمقُمن، رنگ برنگي لائٽن سان سجائڻ، ربيع الاوّل جو چنڊ نظر ايندي ئي مسجدن ۾ مُبارڪباد جو اعلان ڪرڻ، هن مبارڪ مهيني جي آمد تي بالخصوص گناهن کان توبه ڪرڻ، سُنّتن ۽ نيڪين تي اِستقامت ماڻڻ لاءِ عظيم مدني نُسخي يعني ”مدني انعامات“ جي مطابق زندگي گذارڻ جو پڪو اِرادو ڪرڻ، گهٽي گهٽي، ڳوٺ ڳوٺ ”مرحبا يا مُصطفيٰ جون ڌُومون مچائڻ جي لاءِ اسلامي ڀائرن جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ، اجتماعِ مِيلاد ۽ جُلوسِ مِيلاد ۾ مڪتبةُ