Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

نُوری محفل پہ چادر تنی نُور کی

نُور پھیلا ہوا آج کی رات ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مَدَني تَربِيت گاهن جو تعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن ۽ سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ڪم و بيش 103 شُعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، ان مان هڪ شُعبو ”مدني تربيت گاھ“ به آهي۔ جنهن ۾ عاشقانِ رَسُول مختلف مُلڪن، شهرن ۽ ڳوٺن مان اچڻ وارن اسلامي ڀائرن جي مدني تربيت ڪن ٿا۔ پوءِ اهي اسلامي ڀائر علمِ دين سکي ۽ سُنَّتن جي تربيت حاصل ڪري پنهنجن علائقن ۾ وڃي ’’نيڪي جي دعوت‘‘ جا مدني گل پهچائن ٿا۔ تنهنڪري اسان کي به وَقتاً فوقتاً سُنَّتن جي تربيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني تَربِيت گاهن تي حاضر ٿيڻ گھرجي ۽ جيڪو سکون ان کي ٻين تائين به پهچائڻ جي سَعادَت حاصل ڪرڻ گھرجي۔ ۽ جيڪي اسلامي ڀائر يڪمشت (يعني هڪ وقت) گهڻن ڏينهن جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت حاصل نٿا ڪري سگھن انهن تي انفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به وقتاً فوقتاً ڪجھ وقت جي لاءِ مدني تربيت گاهن ۾ موڪليندا رهو، ان جي برڪت سان به ڪيئي عاشقانِ رسول دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان عملي طور تي وابسته ٿي مدني ڪمن جون ڌومون مچائڻ وارا بڻجي ويندا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد