Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُوشنودي جو سبب آهي۔ هر سال رَبِيعُ الاَوَّل پنهنجي تمام تر عظمتن، رحمتن ۽ برڪتن سان جلوه گر ٿيندو آهي ۽ خوش نصيب عاشقانِ رسول پنهنجي پنهنجي اِستطاعت مُطابق پنهنجن گھرن، دُڪانن، گاڏين، گِهٽين محلّن ۽ شهرن کي مدني پرچمن ۽ رنگ برنگي لائٽن سان سجائي خُوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن۔ جشنِ ولادت ملهائڻ سان گڏوگڏ اسان کي اهو به معلوم هئڻ گھرجي ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن دُنيا ۾ ڪهڙي وَقت ۽ ڪهڙي ڏينهن تشريف فرما ٿيا ۽ ان ڏينهن تاريخ ڪهڙي هئي؟ اچو ان باري ۾ ٻڌون ٿا۔

نور جا پيڪر، سڀني نبين جا سروَر، سلطان بحر وبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي جھان جي لاءِ هادي ۽ رهبر بڻجي، اصحاب فيل واري واقعي جي 55 ڏينهن کان پوءِ 12 ربيع النّور بمطابق 20 اپريل 571ع سومر جي ڏينهن صبح صادق جي وقت اڃا تارا آسمان تي چمڪي رهيا هئا، چنڊ جھڙو چهرو چمڪائيندي، کٿوري جي خوشبو مهڪائيندي، ختنه شده (طُهر مبارڪ ٿيل)، ناف بريده (ناڙو مُبارڪ وڍيل)، ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ مهر نبوّت روشن، سُرمگين اکيون، پاڪيزه بدن ٻئي هٿ زمين تي رکندي، سر مبارڪ آسمان ڏانهن کڻي دنيا ۾ تشريف کڻي آيا۔              (اَلْمَوَاهبُ اللَّدُنِّيۃ لِلْقَسْطَلَّانِي ج۱ ص۶۶۔۷۵ وغيره)(بڈھا پجاري،ص)

چاند سا چمکاتے چہرہ نور برساتے ہوئے

آ گئے بدرالدجیٰ اَھْلاً وَّ سَھْلًا مرحبا

آمِنہ کے گھر میں آقا کی وِلادت ہو گئی

مرحبا صَلِّ عَلٰی اَھْلاً وَّ سَھْلًا مرحبا

سوئی قِسمت جاگ اُٹھی اور سب کی بگڑی بن گئی

بابِ رحمت وا ہوا اَھْلاً وَّ سَھْلًا مرحبا