Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

ولادت مبارڪ جون خوشيون ملهائڻ پسند ايندو آهي؟ ارشاد فرمايائون: جيڪو اسان کان خوش ٿيندو آهي اسان به ان کان خوش ٿيندا آهيون.

 (تذڪرۃُ الواعظِين، ص۶۰۰ )

خدا کی رِضا چاہتے ہیں دو عالَم

خدا چاہتا ہے رِضائے محمد

 شعر جي وضاحت: ٻئي جھان خُدا عَزَّوَجَلَّ جي رِضا ۽ خوشنودي جا طلبگار آهن ۽ خُدا عَزَّوَجَلَّ پنهنجي مَحبُوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا چاهي ٿو. روزِ محشر ربّ عَزَّوَجَلَّ اوّلين ۽ آخرين کي گڏ ڪري حضورِ اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندو: ”کُلُّھُمْ يطْلُبُوْنَ رِضَائِي وَاَنَااَطْلُبُ رِضَاک يامُحَمَّدْ“ هي سڀئي منهنجي رضا چاهن ٿا ۽ اي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان توهان جي رضا چاهيان ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جشنِ ولادت ملهائڻ جو ثواب

 حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالحقّ مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي رات خوشي ملهائڻ وارن جي جزا هي آهي ته الله تعاليٰ انهن کي فضل ۽ ڪرم سان جَنّٰتُ النَّعِيم ۾ داخل فرمائيندو، مسلمان هميشه کان محفلِ ميلاد منعقد ڪندا آيا آهن ۽ ولادت جي خوشيءَ ۾ دعوت ڏيندا، کاڌا پچائيندا ۽ خوب صدقا ۽ خيراتون ڏيندا آيا آهن خوب خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ دل کولي خرچ ڪندا آهن ۽ سرڪارمدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ با سعادت جي ذڪر جو اهتمام ڪندا آهن ۽ پنهنجن گهرن کي سينگاريندا آهن ۽ انهن تمام سٺن ڪمن جي برڪت سان انهن ماڻهن تي الله تعاليٰ جي رحمتن جو نزول ٿيندو آهي. )مَا ثَبَتَ با السُّنَّۃ، ص ۱۵۵ ملتقطًا)