Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

پريشاني ۾ هڪ سال گُذري ويو پر اهو بيهي نه سگھيو، آخرڪار ان اها باس باسي ته جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ مونکي ان مرض مان شفاياب فرمايو ته مان محفلِ ميلاد شُروع کان آخر تائين بيهي ٻڌندس۔ ان باس جي برڪت سان الله عَزَّوَجَلَّ ان کي صحت عطا فرمائي، هاڻي ان جو اهو معمول بڻجي ويو ته هو سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعظيم ۾ سڄي محفل بيهي ٻڌندو آهي۔

(الاعلام بفتاوي ائمۃ الاسلام حول مولده عليه السلام ص ۹۴)

تِرا نام لے کر جو مانگے وہ پائے

تیرا نام لیوا ہے پیارا خدا کا

تِرے رُتبہ میں جس نے چون و چرا کی

نہ سمجھا وہ بد بخت رُتبہ خدا کا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

رسالو ”صبح بهاران“ جو تَعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دل ۾ جشنِ عيد مِيلادُ النبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت وڌائڻ جي لاءِشيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطارقادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو ”صُبحِ بهاران“ نالي رسالو حاصل ڪري پاڻ به مُطالَعو ڪيو ۽ وڌ کان وڌ ورهايو۔ اَلحَمدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ هن رسالي ۾ مِيلاد مَلهائڻ جا دليل قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ هن رسالي ۾ رَبِيعُ الاَوَّل جي مهيني ۾ جلوسِ مِيلاد ڪڍڻ ۽ ان ۾ شرڪت ڪرڻ جو طريقَو ۽ مَحفلِ مِيلاد مُنعقد ڪرڻ جون سٺيون سٺيون نيتون ۽ ان جي علاوه کوڙ سارا مدني گل به بيان ڪيا ويا آهن۔ ۽ ان سان گڏوگڏ هن رِسالي ۾ جشنِ ولادتِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي