Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

تَجرِبي شُده) آهي جو ان سال اَمن ۽ اَمان رهندو آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ ان شخص تي رَحمت نازِل فرمائي جنهن وِلادَت واري مهيني جي راتين کي عيد بڻايو۔“

(مواھِبُ اللدُنيۃ،المقصد الاول،ذڪررضاعه،۱/۷۸)

عِیدِ مِیلادُ النّبی تو عِید کی بھی عِید ہے

بالیقیں ہے عِیدِ عِیداں عیدِ مِیلادُ النّبی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جشنِ ولادت ملهائڻ جا مختلف طريقا اپنائڻ سان گڏوگڏ ٿي سگھي ته 12 ربيعُ الاول ۽ بالخصوص هر سومر شريف تي روزو رکڻ جي ڪوشش ڪيو، ڇو ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر سومر شريف تي روزو رکي پنهنجو يومِ وِلادت به ملهايو آهي، جيئن ته

سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مِيلاد پاڻ ملهايو

حضرتِ سَيدُنا ابُوقتاده رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رَسُول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان سومر جي ڏينهن جو روزو (رکڻ) جي باري ۾ پڇيو ويو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: انهي ڏينهن مان پيدا ٿيس ۽ انهيءَ ڏينهن مون تي قرآن نازل ڪيو ويو (يعني ان ڏينهن پهرين وحي جو نزول ٿيو)۔ (مشڪاۃالمصابيح،ڪتاب الصوم،باب صيام التطوع ، ۱/۵۶۳، حديث ۲۰۴۵)

هڪ ٻي روايت ٻڌو جنهن ۾ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي وِلادت جو تذڪرو ڪندي صحابَه ڪرام عَلَيهِمُ الّرِضوَان کي ارشاد فرمايو: مان هاڻي توهان کي ٻڌائيندس ته منهنجي اِبتدا ڇا آهي۔ حضرتِ سَيدُنا ابراهيم عَلَيه السَّلام جي دُعا، حضرتِ سَيدُنا عيسٰي عَلَيه السَّلام جي بشارت ۽ منهنجي امڙ رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها جو خواب