Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

ڊراما ڏسڻ، ،راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ منهنجو محبوب مَشغَلو هو۔ گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري فرض ۽ واجب جو عامِل بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي شريف سجائي ورتي ۽ مدني حُليو به اَپنائي ورتو آهي،

الله عَزَّوَجَلَّ جو وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو والِدَين خوشي سان مون کي ”وقفِ مدينه“ ڪري ڇڏيو آهي۔ (جيڪو خوش نصيب اسلامي ڀاءُ پنهنجو سمورو وقت مدني ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، ان کي دعوتِ اسلامي جي اِصطلاح ۾ ”وقفِ مدينه“ چيو ويندو آهي)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جشنِ وِلادت جي باري ۾ مڪتوبِ عطَّار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هر اَهم ڪم جا ڪجھ ضروري آداب هوندا آهن، جَشنِ عيد ميلادُ النَّبي مَلهائڻ جي آداب مان هي آهي ته تَمام غير شَرعي ڪمن کان پاسو ڪيو وڃي، مثال طور گهٽي يا روڊ وغيره تي اهڙي طرح سَجاوٽ ڪرڻ جو جنهن سان گاڏين وارن ۽ پيدل هلڻ وارن کي تڪليف جو منهن ڏيڻو پوي، ناجائز آهي۔ چَراغان ڏسڻ جي لاءِ عورتن جو اَجنبي مَردن جي وچ ۾ بي پرده نڪرڻ ۽ باپرده عورتن جو به مُروَّج انداز ۾ مَردن ۾ اِختِلاط (گڏجي جمع ٿيڻ) انتِهائي اَفسوس ناڪ آهي ۽ بجلي جي چوري به ناجائز آهي، تنهنڪري هن سلسلي ۾ بجلي فَراهم ڪرڻ واري اِداري سان رابِطو ڪري جائز ذَريعن سان چَراغان جي ترڪيب بڻايو۔ جُلوسِ ميلاد ۾ حتَّي الامڪان باوُضُو رهو، نَمازِ باجماعت جي پابندي جو خيال رکو۔