Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڪيفيت رهي ان کي کمَا حَـقُّه ته بيان نٿو ڪري سگھجي البت سندن هڪ سَفَرِ مدينه جو مُخْتَصَر اَحوال ٻڌون ٿا...

جڏهن مديني شريف جي طرف سندن روانگي جي مبارَڪ گھڙي آئي ته ائير پورٽ (Airport) تي عاشقانِ رسول اوهان کي اَلوَداع چوڻ جي لاءِ مَوجود هئا، مديني جي ديوانن اوهان کي حلقي (يعني دائري) ۾ وٺي نعتون پڙھڻ شروع ڪيون۔ سوزوگُداز ڀرين نعتن عاشقن جي عشق جي باھ کي ويتر وڌائي ڇڏيو۔ غمِ مدينه ۾ اٿڻ وارين آهُن ۽ سِسْڪين سان فَضا سوگْوار ٿي رهي هئي، خود عاشقِ مدينه اَمِيرِ اَهلسنّت جي ڪيفيت وڏي عجيب هئي۔ اوهان جي اکين مان لڙڪ زاروقطار وهي رهيا هئا پاڻ پنهنجي انهن شْعرن جي مِصْداق نَظَر اچي رهيا هئا

آنسوؤں کی لَڑی بن رہی ہو

 

اور آہوں سے پَھٹتا ہو سینہ

وردِ لَب ہو "مدینہ مدینہ"

 

جب چَلے سُوئے طیبہ سفینہ

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۱۸۸)

ارے زائرِمدینہ!تُو خوشی سے ہنس رہا ہے

 

دلِ غمزَدہ  جو لاتا  تو  کچھ اَور بات ہوتی

عشق ۽ اُلفت جو اهو نِرالو انداز هر هڪ جي سمجھ ۾ ته نٿو اچي سگھي ڇوته حاضِري طيبه جي لاءِ وڃڻ وارا ته عُموماً خوش ٿيندا هئا، مبارَڪ باد حاصل ڪندي ويندا آهن۽اهو ڪو ناجائز به ناهي البت اميرِ اهلسنت
دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي ڪلام ۾ اهڙن زائرينِ مدينه جو مَدَني ذِهن بڻائيندي فرمائن ٿا:

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۸۵)

آخِرڪار انهي مديني جي خيال ۾ گم ٿيڻ جي عالَم ۾ سَفَرِ مدينه جو آغاز ٿيو، جيئن جيئن منزِل قريب ايندي رهي، سندن عشق جي شِدّت به وڌندي رهي۔ ان پاڪ سَرزمين تي پَهچندي ئي پاڻ جُوتا لاٿا۔ الله! الله! مِزاج ِعشقِ