Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

فرمائن ٿا؛ بيماري جي وڌي وڃڻ کان وڌيڪ فڪر مون کي سرڪار اعظمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حاضري جو هو۔ جڏهن بخار کي وڌندي ڏٺو ته مان انهيءَ حالت ۾ حاضريءَ جو ارادو ڪيو۔ سڀ عالم رحمةُ اللهِ تعاليٰ عَلَيهم منع ڪندا رهيا، پهريان ته اهو فرمايائون؛ ”حالت توهان جي اهڙي آهي ۽ ڊگهو سفر آهي! (تنهنڪري پنهنجو ارادو بدلي ڇڏيو) مون عرض ڪيو؛ جيڪڏهن سچ پڇو ته حاضريءَ جو اصل مقصد طيبه جي زيارت آهي ۽ ٻئي ڀيرا ان نيّت سان گھران نڪتو هئس۔ معاذالله جيڪڏهن اهو نه هجي ته حج جو لطف ئي ناهي۔ انهن وري روڪيو ۽ منهنجي حالت ياد ڏياري ته مون حديث پڙهي؛ مَنْ حَجَّ وَلَمْ یَزُرْنِیْ فَقَدْ جَفَانِیْ([1]) يعني جنهن حج ڪيو ۽ منهنجي زيارت نه ڪئي ته ان مون سان جفا ڪئي۔ فرمايائون توهان هڪ دفعو ته زيارت ڪري چڪا آهيو مون چيو ته مون وٽ حديث جو اهو مطلب ناهي ته عمر ۾ ڪيترا به حج ڪجن ۽ زيارت هڪ دفعو ڪافي آهي پر هر حج سان گڏ زيارت ضروري آهي۔ هاڻي اوهان دعا فرمايو ته مان سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهچي وڃان ۽ روضي اقدس تي هڪ نظر پئجي وڃي، پوءِ چاهي ان وقت ئي دم نڪري وڃي.([2])

اُس کے طفیل حج بھی خدا نے کرادئیے

 

اصلِ مُراد حاضری اس پاک در کی ہے

کعبہ کا نام تک نہ لیا طیبہ ہی کہا

 

پوچھا تھا ہم سے جس نے کہ نَھضَت کدھر کی ہے

(حدائقِ بخشش،ص۲۰۳-۲۰۲)

شرح ڪلامِ رضا: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نعتيه ديوان ”حدائقِ بخشش“ ۾ انهن ٻنهي(2) شعرن جي ذريعي پنهنجي ٻنهي ڀيرن جي سفرِ حج جي منظر ڪشي ڪئي آهي۔ اللهعَزَّ وَجَلَّ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ٻه (2) ڀيرا حج جي سعادت سان مُشَرَّف فرمايو هو، پهريون حج فرض جڏهن ته ٻيو نفلي هو، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان هن مبارڪ سفر جي باري ۾ پڇيو ويندو هو ته  



[1]کشف الخفاء،حرف المیم،۲/۲۱۸،حدیث:۲۴۵۸

[2]عاشقانِ رسول کی 130حکایات مع مکے مدینے کی زِیارَتیں،ص۱۴۵بتغیر قلیل