Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڀينرون حَاجياڻين جون تَرْبِيت ڪنديون آهن۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ هن مجلس جي تَحت حج ۽ زيارتِ مدينه جي لاءِ مڪي مديني وڃڻ وارن کي اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي تحرير ڪيل ڪتاب ”رَفِيقُ الْحَرَمَين “۽ ”رَفِيقُ الْمُعْتَمِرِين“به تحفةً پيش ڪيا ويندا آهن ته جيئن اللهعَزَّ وَجَلَّ جي گھر جا مهمان ۽ حبيبِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا عاشق هن عِبادت کي اَحْسَن طريقي سان بَجا آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچو! هاڻي اسان حُصولِ برڪت ۽ نُزولِ رَحمت جي لاءِ مديني شريف جون به ڪجھ خُصوصيتن جي باري ۾ ٻڌي پنهنجي دل ۾ ان پاڪيزه شهر جي عظمت وڌيڪ وڌائڻ جو سامان ڪيون ٿا جيئن ته

* سڄي زمين ۾ڪو به اهڙو شهر ناهي جنهن جا مبارڪ نالا ايتري گھڻي تعداد ۾ هجن، جيترا مدينةُ المُنوّره جا نالا آهن۔ ڪن عالمن 100 تائين نالا لکيا آهن * مدينة المنوره اهڙو شهر آهي جنهن جي محبت ۽ هِجر و فُرقت بابت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ زبانن ۽ سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ قصيدا لکيا ويا آهن ۽ لکيا پيا وڃن * الله عَزَّوَجَلَّ جي پياري حبيب، حبيب لبيب، طبيبن جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان ڏانهن هجرت ڪئي ۽ هتي ئي قيام پذير رهيا * الله تعالٰي ان جو نالو طابه رکيو * سرڪار عالي وقار، مديني جا تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن سفر کان واپس تشريف کڻي ايندا هئا ۽ مديني پاڪ جي ويجهو پهچندا هئا ته شوق ۽ محبت ۾ پنهنجي سواريءَ کي تيز ڪندا هئا * مدينة المنوره ۾ آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قلب مبارڪ کي سڪون ملندو هو * هتان جي مٽي ۽ دز پنهنجي نوراني چهري تان هٽائيندا نه هئا ۽ اصحابي سڳورن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم کي به ان کان منع فرمائيندا هئا ۽ ارشاد فرمائيندا هئا؛ مديني جي خاڪ ۾ شفا آهي۔ (جذب القلوب ص 22) * جڏهن ڪو به مسلمان زيارت جي نيّت سان مدينة المنوره ايندو آهي ته فرشتا رحمت جي تحفن سان ان جو استقبال ڪندا آهن۔ (جذب القلوب ص 211) * سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم