Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

وٺندس۔ (ترمذي،ابواب المناقب،باب (م:تابع۱۷،ت:۵۶) …الخ، ۵/۳۸۸،حديث:۳۷۱۲)

عاشقِ مدينه امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه مديني پاڪ ۾ مرڻ ۽ بقيع ِپاڪ ۾ دفن ٿيڻ جي جذبات جو اظهار ڪندي پنهنجي نعتيه ديوان ” وسائل بخشش “ ۾ لکن ٿا ته

عطا کر دو عطا کر دو بقیعِ پاک میں مدفن

 

مِری بن جائے تُربت یا شہِ کوثر مدینے میں

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۲۸۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حديثِ پاڪ مان اسان کي اهو مدني گل به حاصل ٿيو ته مديني شريف کي يثرِب چوڻ منع آهي، ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان اهي لفظ چوڻ ۽ لکڻ کان بچون۔ افسوس جو هاڻي جهالت جو دور آهي، ڪجھ نادان مسلمان علمِ دين کان دُوري جي ڪري مديني پاڪ جو ذڪرِ خير ڪرڻ جي لاءِ قرآن ۽ حديث ۾ بيان ڪيل نالن جي بدران لفظِ يثرِب لکن ۽ پڙھن ٿا، حالانڪه لفظِ يثرِب پنهنجي معني جي اعتبار سان ڪنهن به طرح مديني شريف جي شايانِ شان ناهي، جيئن ته

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفرمائن ٿا :يثرِب جي معني آهي” مصيبت ۽ آفتن جي جڳھ“، جيئن ته پهريان اها جڳھ وڏين بيمارين واري هئي ان ڪري يثرِب چئي ويندي هئي، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪت سان طَيبَه يعني صاف ڪيل زمين ٿي وئي هاڻي اها جڳھ دارُالوَباء (يعني مقامِ مصيبت) جي بدران دارُالشِفاء بڻجي وئي۔ (مرآۃ المناجيح،۶/۲۹۴)

عاشقانِ رسول جي لاءِ هن لفظ کان بچڻ جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو اسان جي مٺي مٺي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پاڪيزه شهر کي يثرب چوڻ کان منع فرمايو آهي جيئن ته پياري آقا، مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ قَالَ لِلْمَدِيْنَةِ يَثْرِبَ فَكَفَّارَتُهُ اَنْ يَّقُوْلَ الْمَدِيْنَةَ عَشَرَ مَرَّاتٍ يعني جيڪو شخص (غير ارادي طور تي) مديني کي يثرِب چوي ته ان کي ڪفاّري طور تي ڏھ (10) ڀيرا مدينو چوڻ