Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڪري جو هتي قومِ عَمَالِقَه جو پهريون ماڻهو آيو ان جو نالو يثرِب هو۔ حضرت سَيدُنا امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جيڪو مدينه منوره کي يثرب چوي اهو توبه ڪري،حضرت سَيدُنا امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جيڪو هڪ ڀيرو ان کي يثرب چوي اهو ڪفاري طور ڏھ (10) ڀيرا مدينه چوي۔ صُوفي بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين فرمائن ٿا ته جيڪڏهن ڪو خبيث اتي مري دفن به ٿي وڃي ته ملائڪ اتان کان ان جي نعش ڪنهن ٻي جڳھ منتقل ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو اتي جو عاشق ٻي جڳھ دفن ٿي وڃي ته ان جي نعش مدينَه منوره پهچائيندا آهن۔ (مرآۃ ُ المناجيح،۴/۲۱۶-۲۱۵ملخصاً و ملتقطاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديثِ پاڪ ۽ ان جي شرح مان معلوم ٿيو ته جهڙي طرح زنگ آلود لوھ جيڪڏهن بٺي ۾ وڌو وڃي، پوءِ مقرر ٿيل وقت تي ان کي ڪڍيو وڃي ته ان تي مَر مِٽي جونالو نشان به باقي نٿو رهي، اهڙي طرح مدينه طيبه به پنهنجي پُرڪيف فضائن ۾ اچڻ وارن کي صاف سُٿرو ڪندو آهي، ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي پاڪ پروردگار عَزَّ وَجَلَّ کان بار بار اتي وڃڻ بلڪ اتي دفن ٿيڻ جي خيرات طلب ڪندا رهون جو هڪ مسلمان جي لاءِ هن کان وڏي ٻي ڪهڙي سعادت جي ڳالھ ٿي سگھي ٿي ته اللهعَزَّ وَجَلَّ ان کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبوب شهر يعني مدينه منوره ۾ موت ۽ هزارين صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي وجودِ مسعود جي فيوض و برڪات سان مالا مال بقيعِ پاڪ ۾ دفن ٿيڻ جي نعمت عطا فرمائي ڇڏي ته اتي مرڻ ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيڻ مقدر وارن جو ئي حصو آهي ۔

نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ دلنشين آهي ته (قيامت ۾ جڏهن سڀني کي قبرن مان اٿاريو ويندو) سڀ کان پهريان مون کي پوءِ ابو بڪر ۽ عمر (رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهمَا) جون قبرون شَق ٿينديون، پوءِ مان جنّت البقيع وارن وٽ ويندس ته اهي مون سان گڏ جمع ٿيندا، پوءِ مان مڪي وارن جو انتظار ڪندس ايستائين جو حرمينِ شريفين جي وچ ۾ انهن کي به پاڻ سان گڏ ڪري