Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

جي ڪَوڙي ڪاٺي جو هجي * مسواڪ جي ٿولھ چيچ جي برابر هجي * ڏندڻ هڪ گرانٺ کان ڊگهو نه هجي نه ته ان تي شيطان ويهندو آهي * ان جا تاندورا نرم هجن جو سخت تاندورا ڏندن ۽ مهارن جي وچ ۾ وٿي (Gap) جو سبب بڻجندا آهن * مسواڪ تازو هجي ته سٺو نه ته ڪجھ دير پاڻي جي گلاس ۾ پسائي نرم ڪري ڇڏيو * مناسب آهي ته ان جا تاندورا روزانو ڪٽيندا رهو جو تاندورا ان وقت تائين ڪم جا آهن جيستائين انهن ۾ ڪؤڙاڻ باقي آهي * ڏندن جي ويڪر ۾ ڏندڻ ڪريو * جڏهن به ڏندڻ ڪرڻو هجي ته گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڀيرا ڪريو * هر ڀيري ڌوئي ڇڏيو * ڏندڻ ساڄي هٿ ۾ اهڙي طرح کڻو جو چيچ ان جي هيٺان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿان ۽ آڱوٺو ڇيڙي تي هجي * پهريان ساڄي پاسي کان مٿين ڏندن تي ۽ پوءِ کاٻي پاسي کان مٿين ڏندن تي، پوءِ ساڄي پاسي کان هيٺين پوءِ وري کاٻي پاسي کان هيٺين ڏندن تي مسواڪ ڪيو * مسواڪ مٺ ۾ بند ڪري ڪرڻ سان بواسير ٿيڻ جو انديشو آهي * ڏندڻ ڪرڻ وضو ۾ سنّت قَبليه (وضو کان پهريان ادا ڪئي ويندڙ سنّتن مان) آهي البت سنّت مؤڪَّدَه ان وقت آهي جڏهن وات ۾ بدبو هجي. (ماخوذ از فتاويٰ رضويه شريف ج 1 ص 623) * ڏندڻ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه، جو هي سنّت ادا ڪرڻ جو ذريعو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا سمنڊ ۾ وجھي ڇڏيوـ (تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل بهارِ شريعت جلد اوّل صفحي 294 کان 295 تائين جو مُطالَعو ڪيو)