Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (ابن عساڪر ج 9 ص 343)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!اچو ته شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي 163 مدني گل مان مسواڪ جا مدني گل ٻڌون ٿا. دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب “بهار شريعت” جلد پهريون صفحي 288 صدرُالشّريعه، بدرُالطريقه، حضرت علامه مولانا مفتي امجد علي اعظمي عليه رحمةُالله القوي لکن ٿا، مشائخ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسواڪ جو عادي هجي ته مرڻ وقت ان کي ڪلمو نصيب ٿيندو، ۽ جيڪو آفيم کائي ٿو ان کي ڪلمو نصيب نه ٿيندو * حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿين ٿا، ربّ عَزَّوَجَلَّ راضي ٿئي ٿو، نيڪي وڌائيندو ۽ معدي کي درست ڪندو آهي ـ (جمع الجوامع للسيوطي ج 5 ص 249 حديث 14867) * مسواڪ پيلو يا زيتون يا نم وغيره