Deen Aur Qurbani

Book Name:Deen Aur Qurbani

   يعني اي مسلمانو! ڇا توهان اهو سمجهي رکيو آهي ته جنت جهڙي اعليٰ نعمت ايئن ئي بنا محنت جي حاصل ڪري وٺندا، اڃا توهان تي اهي مصيبتون نه آيون آهن جيڪي توهان کان اڳ وارن تي اچي چڪيون آهن، * انهن کي گهڻيون تڪليفون پهتيون * ۽ انهن کي لوڏيو ويو        * انهن کي بار بار سخت آزمائشن کي منهن ڏيڻو پيو * انهن تڪليفن جي شدت ان حد تائين پهچي وئي جو فرمانبردار مؤمن ۽ انهن جا رسول به بيقرار ٿي پڪاري اٿيا ته اي رب ڪريم! تنهنجي مدد ڪڏهن پهچندي؟ جڏهن ته رسول ته وڏا صابر هوندا آهن.  اي مسلمانو! انهن تي اهڙي سختي واريون تڪليفون آيون، ان جي باوجود اهي دين تي قائم رهيا، دنيا جي ڪا به مشقت، ڪا به مصيبت، ڪا به تڪليف سندن حالت بدلائي نه سگهي، تنهنڪري اي مسلمانو! توهان ته انهن امتن کان افضل امت آهيو، توهان کي گهرجي ته صبر جو سٺو نمونو پيش ڪريو ۽ ڪنهن به صف ۾ انهن کان پوئتي نه رهو...!!)[1](

گذريل امتن جون تڪليفون

   بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي: صحابيءِ رسول حضرت خباب رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خانه ڪعبه جي ڇانوَ ۾ پنهنجي مبارڪ چادر کي وهاڻو ڪري ٽيڪ لڳائي ويٺا هئا، اسان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! (اسان تي ايتريون تڪليفون آيون آهن) اوهان اسان لاءِ دعا ڇو نٿا فرمايو؟ ان تي مڪي مدني سلطان، رحمتِ دوجہان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:* توهان کان پهريان (ماڻهن تي گهڻيون مصيبتون آيون، اهي ماڻهو) زمين ۾ کڏو کوٽي ان ۾ دٻايا ويندا هئا * آرن سان چيري ٻه ٽڪرا ڪيا ويندا هئا * لوهه جي ڪنگين سان سندن گوشت پٽيو ويندو هو پر انهن مان ڪا به مصيبت انهن کي سندن دين کان روڪي


 

 



[1]... تفسیر نعیمی ، پارہ: 2، البقرۃ،زیرِ آیت: 214، جلد:2،صفحہ:370 خلاصۃً ۔