Book Name:Deen Aur Qurbani
۾ پيش آيو، ان) ۾ مسلمانن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو* سخت سردي جي موسم هئي * کاڌي خوراڪ جي کوٽ هئي * صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان سخت بک سبب پيٽ تي پٿر ٻڌا هئا * ۽ انهيءَ حالت ۾ خندق (يعني گهرا کَڏا) کوٽي رهيا هئا * ان سان گڏوگڏ سخت دشمن جو مقابلو به هو *۽ مدينه منوره جي اندر موجود غير مسلم ۽ منافق به سازشون ڪري رهيا هئا. ڄڻ مسلمانن تي چئني طرفن کان تڪليفون ئي تڪليفون اچي ويون هيون، ان موقعي تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي، جنهن ۾ مسلمانن کي گذريل امتن جا حالات ٻڌائي صبر ڏياريو ويو.)[1](
جيئن ته ارشاد ٿئي ٿو
اَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ وَ لَمَّا یَاْتِکُمْ مَّثَلُ الَّذِیْنَ خَلَوْا مِنْ قَبْلِکُمْ ؕ مَسَّتْہُمُ الْبَاْسَآءُ وَ الضَّرَّآءُ وَ زُلْزِلُوْا حَتّٰی یَقُوْلَ الرَّسُوْلُ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مَعَہٗ مَتٰی نَصْرُ اللّٰہِ ؕ اَلَاۤ اِنَّ نَصْرَ اللّٰہِ قَرِیْبٌ (۲۱۴)
(سيپارو: 2، البقرة: 214)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا توهان جو اهو گمان آهي ته جنّت ۾ داخل ٿي ويندؤ حالانڪه اڃان توهان تي پهرين ماڻهن جهڙي حالت نه آئي. انهن کي سختي ۽ تڪليف پهتي ۽ انهن کي زور سان لوڏيو ويو ايستائين جو رسول ۽ انهن سان گڏ ايماڻ آڻڻ وارا چوڻ لڳا: الله جي مدد ڪڏهن ايندي؟ ٻڌو! بيشڪ الله جي مدد ويجهو آهي.