Deen Aur Qurbani

Book Name:Deen Aur Qurbani

سفر ڪندا آهن، توهان به همت ڪريو! جوشِ ايماني جو ثبوت ڏيو ۽ ڪربلا وارن جي ايصالِ ثواب لاءِ قافلي جا مسافر بڻجي وڃو! ان شاء الله الڪريم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.

 لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                                                                                  سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

قرض ہو گا ادا، آ کے مانگو دُعا                                                                                   پاؤ گے برکتیں قافلے میں چلو

   امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ ۽ توهان جي ساٿين جي صدقي الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

”القران الڪريم“ ايپلي ڪيشن“

  اي عاشقانِ رسول! اڄڪلهه مسلمانن جو وڏو تعداد آهي جيڪي اينڊرائڊ  (Android) يا آئي فون استعمال ڪن ٿا. الحمدلله! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به نيڪيون ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Al Quran al kareem)القرآن الڪريم). هيءَ ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي قسمن جي ڊوائيسز تان ڊائون لوڊ ڪري آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهجي ٿي، هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآن پاڪ پڙهڻ ۽ مختلف قارين جي آواز ۾ ٻڌڻ جي سهولت موجود آهي.* ان سان گڏوگڏ ڪنهن مخصوص سورت يا آيت کي Bookmark  به ڪري سگهجي ٿو يعني بار بار پڙهڻ واري سورت يا آيت کي Bookmark جي بدولت آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو.   پهرين فرصت ۾ ئي هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به قرآن ڪريم