Deen Aur Qurbani

Book Name:Deen Aur Qurbani

نالو ناهي، ڊاڪٽر اقبال زندگي جي حقيقت کي وڏي واضح انداز ۾ بيان ڪيو آهي، چوي ٿو:

بَر تَر اَز اندیشۂ سُود و زِیاں ہے زِندگی                                                                                     ہے کبھی جاں اور کبھی تسلیمِ جاں ہے زندگی

وضاحت: يعني زندگي نفعي ۽ نقصان جي انديشن کان مٿاهين هڪ شيءِ آهي، ڪڏهن ساھ کڻڻ ۽ زندھ رهڻ جو نالو زندگي هوندو آهي ۽ ڪڏهن محبوب جي رضا جي لاءِ سر قربان ڪري ڇڏڻ جو نالو زندگي آهي.

   مطلب ته اصل شيءِ الله پاڪ جي رضا آهي * جڏهن ساهه کڻڻ ۾ ان جي رضا هجي، ان وقت تائين ساهه کڻندو رهڻ زندگي آهي* جيستائين خوشحال رهڻ ۾ ان جي رضا هجي، ان وقت تائين خوشحال رهڻ زندگي آهي* جڏهن مشڪلاتون برداشت ڪرڻ ۾ ان جي رضا هجي، ان وقت مشڪلاتون برداشت ڪرڻ زندگي آهي * ۽ جڏهن سر قربان ڪرڻ ۾ الله پاڪ جي رضا هجي، ان وقت سر ڪٽائي ڇڏڻ زندگي آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ لَا تَقُوْلُوْا لِمَنْ یُّقْتَلُ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ اَمْوَاتٌ ؕ بَلْ اَحْیَآءٌ وَّ لٰکِنْ لَّا تَشْعُرُوْنَ (۱۵۴)

(سيپارو: 2، البقرة: 154)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪي الله جي راھ ۾ ماريا وڃن انهن کي مئل نه چئو بلڪه اهي زندھ آهن پر توهان کي انهن جو شعور ناهي.

هي ئي اهو بنيادي سبق آهي جيڪو اسان کي ڪربلا مان سکڻ لاءِ ملي ٿو، امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي جڏهن ولادت مبارڪ ٿي، حضرت جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم بارگاهِ رسالت ۾ مبارڪباد ڏيڻ لاءِ حاضر ٿيا، ۽ گڏوگڏ شهادت جي خبر به ڏئي ويا هئا.)[1](


 

 



[1]...مستدرک ، کتاب معرفۃ الصحابۃ،  باب اول فضائل...الخ،جلد:4،صفحہ: 171، حدیث:4871 ماخوذًا۔