Book Name:Deen Aur Qurbani
جو علم سکڻ لاءِ صبح يا شام جو هليو، اهو جنتي آهي.)[1]( (2): هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص علم جي تلاش ڪندو آهي، ته اهو ڪم ان جي پوين گناهن جو ڪفارو ٿي ويندو آهي.)[2](
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته فرمايو! اڄ ماڻهو مال وڌائڻ لاءِ پنهنجي شهر مان ٻئي شهر، پنهنجي ملڪ مان ٻئي ملڪ پهچي ويندا آهن، ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ ۽ ٻارن ٻچن کان سالن جا سال پري پيا رهندا آهن. افسوس! اڄ دنيا حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڪثر ماڻهو هر طرح جون قربانيون ڏئي رهيا آهن پر ايتري عظيم الشان اجر ۽ ثواب جي خوشخبري جي باوجود خدا جي راهه ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ٿيندا. ٿورو سوچيو ته سهي! صحابه ڪرام، اهلِ بيت پاڪ ۽ شهداءِ ڪربلا رَضِیَ اللهُ عَنْهُم خدا جي راهه ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون پيش ڪيون، خدا جي راهه جي هر سفر ۾ وڌي چڙهي حصو ورتائون، اهو انهن جي قربانين جو صدقو آهي جو اڄ دنيا ۾ هر طرف دينِ اسلام جون بهارون آهن، بهرحال! هڪ طرف صحابه ۽ اهلِ بيت رَضِیَ اللهُ عَنْهُم آهن جن جون زندگيون دين جي سربلندي لاءِ وقف هيون ۽ ٻئي طرف اسان غافل ماڻهو آهيون جن جا ڏينهن رات صرف ۽ صرف دنيا جي ترقي لاءِ ئي ڄڻ وقف آهن. اسان کي به همت ڪرڻي آهي، اسان کي به جوشِ ايماني جو ثبوت ڏيڻو آهي. الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي وارا عاشقان رسول نرالي انداز ۾ ڪربلا وارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندا آهن، الله پاڪ جي فضل سان شهداءِ ڪربلا جي ايصالِ ثواب لاءِ هر سال ئي 8، 9 ۽ 10 محرم تي قافلا