Deen Aur Qurbani

Book Name:Deen Aur Qurbani

هن مدني مقصد کي پورو ڪرڻ ۾ لڳي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻنهي جهانن ۾ ٻيڙو پار ٿي ويندو.

سلطانِ دو جهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون  قربانيون

  پيارا اسلامي ڀائرو! سڄي دنيا ۾ دين جو ڪم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي اندر قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻو پوندو، بغير قرباني پيش ڪرڻ جي ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، ڏسو! * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دين جي خاطر ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون پيش ڪيون، ان جو تصور ئي ڏڪائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي* پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي بيحد ستايو ويو* راهن ۾ ڪنڊا وڇايا ويا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي پٿر وسايا ويا * ايستائين جو ڪافرن کين شهيد ڪرڻ جون به ناڪام ڪوششون ڪيون پر همت واري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم همت نه هاري، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مسلسل ڪوشش رنگ لاتو،* جيڪي ماڻهو دشمن هئا، اهي الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان دوست بڻجي ويا  * جيڪي جان جا پياسا هئا، اهي جانيون قربان ڪرڻ لڳا * جيڪي ٻين کي مسلمان ٿيڻ کان روڪيندا هئا، اهي پاڻ مسلمان ٿي ٻين کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويا. الحمدلله! اڄ سڄي دنيا ۾ جيڪي اسلام جون بهارون آهن، اهي الله پاڪ جي عنايت سان پياري مصطفيٰ    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي انهن ڪوششن ۽ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي قربانين جو ئي نتيجو آهن.

حق کی راہ میں پتّھر کھائے خوں میں نہائے طائف میں

دین کاکتنی محنت سے کام آپ نے اے سلطان کیا

ڀلائي جون ڳالهيون سيکارڻ جي فضيلت

  پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان به نيڪي جي دعوت خاطر قربانيون ڏيڻ