Book Name:Deen Aur Qurbani
تي آماده ٿي وڃون ۽ تمام گهڻو ثواب ڪمايون. امام ابو نعيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: الله پاڪ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڏانهن وحي موڪلي ته اي موسيٰ! ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو ڇو ته مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جون قبرون روشن فرمائيندس ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي وحشت نه ٿئي.)[1](
اي عاشقانِ رسول! هن روايت مان نيڪي جي ڳالهه سکڻ ۽ سيکارڻ جو اجر ۽ ثواب معلوم ٿيو. سُبْحٰنَ الله! جيڪي سنتن ڀريا بيان ڪن ٿا، درس ڏين ۽ ٻڌن ٿا، ان شاء الله الڪريم! انهن جا ته ڀاڳ ئي کُلي ويندا، الله پاڪ چاهيو ته ضرور سندن قبرون اندر مان جگمگ جگمگ ڪري رهيون هونديون، جيڪي نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن، قافلن ۾ سفر جي ذريعي نيڪ اعمالن جي ترغيب ڏياريندا آهن، سنتن ڀري اجتماعن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندا آهن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن جون قبرون به نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي نورٌ عَلٰي نور هونديون
قبر میں لہرائیں گے تاحَشر چشمے نور کے جلوہ فرما ہو گی جب طَلعَت رسول اللہ کی ([2])
جنت ۾ داخلا ۽ گذريل گناهن جو ڪفارو
اي عاشقانِ رسول! اهي اسلامي ڀائر جيڪي علمِ دين سکڻ جي نيت سان قافلن ۾ سفر ڪندا آهن، انهن لاءِ جنت ۾ داخلي ۽ پوين گناهن جي ڪفاري جي خوشخبري آهي. جيئن ته (1): حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: مَنْ غَدَا وَ رَاحَ وَ ہُوَ فِیْ تَعْلِیْمِ دِینِہٖ فَہُوَ فِی الْجَنَّۃِ يعني جيڪو پنهنجي دين