Deen Aur Qurbani

Book Name:Deen Aur Qurbani

جس دھج سے کوئی مقتل میں گیا، وہ شان سلامت رہتی ہے

یہ جان تو آنی جانی ہے، اس جاں کی تو کوئی بات نہیں

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

عظيم قرباني، نرالو    انعام

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته دين جي خاطر قرباني لاءِ هميشه تيار رهون، جڏهن به دين لاءِ قرباني ڏيڻ جو موقعو اچي ته بلڪل پوئتي نه هٽون، خوش دليءَ سان، استقامت ۽ حوصلي سان، نهايت بهادري ۽ شان سان قرباني پيش ڪيون، ان جو جيڪو انعام ملندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڀاڳ ئي  کُلي ويندا. اچو! مان توهان کي خدا جي راهه ۾ پيش ڪيل هڪ عظيم قرباني ۽ ان تي ملندڙ انعام جي داستان ٻڌايان ٿو.  هڪ صحابي   رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ هئا، سندن مبارڪ نالو سعد هو ۽ رنگ ڪارو هو، هڪ ڏينهن اهي بارگاهِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا منهنجي ڪاري رنگ جي ڪري مون کي جنت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا تون الله ۽ رسول تي ايمان رکين ٿو؟ عرض ڪيائون: جي ها! مان 8 مهينا پهريان ئي مسلمان ٿيو آهيان. فرمايائون: خدا جو قسم! پوءِ تنهنجو رنگ توکي جنت کان نه روڪيندو. حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جڏهن ڳالهه اهڙي آهي (ڪارو رنگ جنت ۾ وڃڻ کان رڪاوٽ ناهي) ته پوءِ مون کي ڪو رشتو ڇو نٿو ڏئي؟ هاڻي اصل معاملو واضح ٿي چڪو هو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: تون فلاڻي صحابي جي گهر وڃ! انهن کي چئو ته الله پاڪ جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تنهنجي ڌيءَ جو نڪاح مون سان ڪري ڇڏيو آهي.  حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ ان صحابي جي گهر پهتا، پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيغام انهن تائين