Deen Aur Qurbani

Book Name:Deen Aur Qurbani

اڪثريت جي هاڻي ان طرف ڪا به توجهه ناهي* اهي الله ۽ رسول جي محبت سان سرشار هئا پر افسوس! اڄ جي مسلمانن جي وڏي اڪثريت دنيا جي محبت ۾ غرق آهي* اهي اعليٰ ڪردار جا مالڪ هوندا هئا پر اڄ اڪثر مسلمان صرف ڳالهين جا غازي بڻجي رهجي ويا آهن* افسوس! اسان دنيا جي محبت ۾ ٻڏي * رضاءِ الٰهي جي ڪمن کان پري ٿي  * پنهنجين زندگين کي گناهن سان آلوده ڪري * پنهنجي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جو عامل بڻجڻ جي بجاءِ غيرن جي فيشن کي اپنائي پنهنجي حالت پاڻ خراب ڪري ڇڏي آهي. افسوس! صد هزار افسوس! اسان بي عملي سبب ذلت ۽ رسوائي جي گهري کڏ ۾ ڏاڍي تيزي سان ڪرندا پيا وڃون.

اے خاصۂ خاصانِ رُسُل وَقتِ دُعا ہے                                                           اُمّت پہ تِری آ کے عجب وقت پڑاہے

جو دین بڑی شان سے نکلا تھا وطن سے                                                             پردیس میں وہ آج غریب الغربا ہے

ہم نیک ہیں یا بد ہیں پھر آخِر ہیں تمہارے                                                   نسبت بہت اچھی ہے اگر حال برا ہے

تدبیر سنبھلنے کی ہمارے نہیں کوئی                                                                                 ہاں ایک دعا تیری کہ مقبولِ خدا ہے

ذميداري جو   احساس پيدا ڪريو

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي سنجيدگيءَ سان پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻ گهرجي* اسان تي لازم آهي ته پنهنجن گناهن کان سچي توبه ڪريون * پنهنجي اندر جوشِ ايماني پيدا ڪريون* ۽ اهو ذهن بڻائي وٺون ته مون کي دين جي خدمت ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي* ڪاش! سڀ اهو مدني مقصد اپنائي وٺن ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هڪ مسلمان هجڻ جي حيثيت سان جيڪڏهن اسان پنهنجي ذميداري کي سمجهي، الله ۽ رسول جي محبت ۾ ٻڏي