Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

  سچي عاشق جي محبت ڀري ڳالھ ٻڌي الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڊگھي سجدي جي حڪمت بيان ڪندي فرمايو: مون وٽ جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضِر ٿي ٻڌايو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! الله پاڪ فرمائي ٿو: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! جيڪو اوهان تي درود پڙھندو، مان ان تي رحمتون نازِل ڪندس، جيڪو اوهان تي سلام موڪليندو، مان ان تي سلامتي موڪليندس۔ ان نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ مون ايترو ڊگھو سجدو ڪيو۔([1])

  الله اکبر! پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪيو! * دُرود ڪنهن کي پڙهڻو آهي؟ امّتيءَ کي * رحمت ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ امّتيءَ تي * سلام ڪنهن کي موڪلڻو آهي؟ امّتيءَ کي * الله ڪريم جي سلامتي ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ امّتيءَ تي * شڪر جو سجدو ڪير ادا ڪري رهيو آهي؟ امّت جي غم ۾ رهڻ  وارو، شفاعت فرمائڻ وارو، امّت کي بخشائڻ وارو، جنّت ۾ پهچائڻ وارو آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ...! سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! اندازو لڳايو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي امّت سان ڪيترو پيار آهي. الله! الله! امّت گناھ ڪري، آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ راتيون روئي، روئي ڪري گذارين، امّت کي نعمت ملي آقا شڪر صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا سجدا ڪن. اعلٰي حضرت جا ڀاءُ، مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ  اللهِ  عَلَيْه لکن ٿا:

تم کو تو غلاموں سے ہے کچھ ایسی  محبت                                                                        ہے ترکِ  اَدَب ! ورنہ کہیں ہم  پہ فدا ہو[2]

وضاحت: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! اوهان کي غلامن سان ايتري محبت آهي، هي ادب نه آهي، نه ته اسان چئون ته اوهان پنهنجي غلامن تي فدا آهيو.


 

 



[1]...مسندِ اَحْمَد، جلد:1، صفحہ:191، حدیث:1664۔

[2] ذوقِ نعت، صفحہ:211 ۔