Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ڪلاڪن جا ڪلاڪ ضايع ڪري ڇڏينديون آهيون، پر نماز جي لاءِ ٽائم ناهي. شادي جي دعوت ۾ ٻه ڪلاڪ پهريان پهچي وينديون آهيون، پر نماز جي لاءِ پهريان کان تياري ڪرڻ جو وقت ناهي، اسان غور ڪريون ته ڪٿي پنهنجي زندگي جي مقصد کي ويساري ڏينهن رات الله پاڪ جي حقن کي ضايع ڪرڻ ۾ ته نه گذاري رهيون آهيون؟

ياد رکو! ايمان ۽ عقائد جي درستگي کانپوءِ نماز حقوق الله ۾ سڀ کان اهم حق آهي. جيئن فتاويٰ رضويه جلد9، ص159 تي آهي: ايمان ۽ تصيحِ عقائد (يعني ايمان ۽ درست عقائد کي تسليم ڪرڻ) کان پوءِ تمام حقوقُ الله ۾ سڀ کان اهم ۽ عظيم حق نماز آهي. نماز ضايع ڪرڻ وارن کي قبر ۽ حشر ۾ دردناڪ عذابن جو منهن ڏسڻو پوندو. جيئن

بي نمازي جي سزا:

قيامت جي ڏينهن گناهگارن جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان نماز ڇڏڻ وارن جا چهرا ڪارا هوندا ۽ بيشڪ جهنم ۾ هڪ وادي آهي جنهن کي لَمۡلَمۡ چيو وڃي ٿو، ان ۾ نانگ آهن ۽ هر نانگ اُٺ جيترو آهي، ان جي ڊيگھ هڪ مهيني جي راھ جيتري آهي، جڏهن اهو بي نمازي کي ڏنگيندو ته ان جو زهر 70 سالن تائين ان جي جسم ۾ جوش هڻندو رهندو، پوءِ ان جو گوشت ڳري هڏن کان الڳ ٿي ويندو. (کتاب الکبائر،فصل فی المحافظۃ علی الصلوات والتہاون بہا،ص۲۶)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! خوفِ خدا سان ڏڪي وڃو، خوابِ غفلت مان جاڳو ۽ اڄ ئي نمازن جي پابندي شروع ڪري ڇڏيو، نه صرف پنج ئي نمازون ادا ڪرڻ جو معمول بڻايو بلڪ تَحِيّةُ اۡلوُضو ۽ ٻين نفلن جي به پابندي ڪرڻ جي نيت ڪيو. اچو! نفل نمازن جي پابندي جو ذهن بنائڻ جي لاءِ 3 فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿيون: جيئن

نفلن جا فضائل:

  1. ارشاد فرمايائون: جنهن ٻه رڪعت نفل ادا ڪيا جن ۾ پنهنجي دل سان ڪجھ گفتگو نه ڪئي ته ان جا پويان گناھ بخشيا ويندا.

  2. ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص سٺي طريقي سان وضو ڪري ۽ ٻه رڪعتون دلي توجھ سان ادا ڪري ته ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي. (مسلم،کتا