Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

دعوٰي ڪرڻ واريون مسلمانن جون دليون ڏکائينديون آهن؟ ڇا عشقِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ واريون غير مسلمانن جي نقالي ڪنديون آهن؟ يقينًا نه ۽ هرگز نه.

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                            صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هڪ سچي عاشق جي هميشه کان اها ڪوشش هوندي آهي ته ان جو محبوب ان سان راضي رهي، جنهن جي ڪري اهو مختلف طريقا اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اهو پنهنجي محبوب جي روزانو جي ڪمن کي نوٽ ڪندو ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي دل ۾ سمائي سيني سان لڳائيندو آهي، پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي تمام ڪمن کي پنهنجي محبوب جي پسند جي مطابق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪا شيءِ محبوب کي پسند نه هجي اهو به ان کي ناپسند ڪندو آهي ۽ جنهن شيءِ کي محبوب سان نسبت ٿي وڃي اها به عاشق جي نظر ۾ محبوب ٿي ويندي آهي، اهو ئي سبب هو جو حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آقا ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قبيلي وارن سان بي پناهه محبت ڪندا هئا ۽ انهن جي لاءِ دعائون گهرندا هئا، جيئن

قريش وارن جي لاءِ دعا ڪندا هئا

حضرت سيدنا عروه بن زبير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته قبيلي بَنُو نَجّار جي هڪ صحابيه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما فرمايو: مسجد نبوي شريف جي ويجهو منهنجو ئي گهر بلند(اونچائي وارو) هئو ۽ انهيءَ تي حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فجر جي آذان ڏيندا هئا، هو رات جي آخري حصي ۾ مڪان جي ڇت تي اچي ويهي رهندا هئا ۽ فجر جي وقت جو انتظار ڪندا هئا، جڏهن ان کي ڏسندا هئا ته انگڙائي ڏيندي هيءَ دعا گهرندا هئا: اللّٰہُمَّ  اِنِّیْ  اَحْمَدُکَ وَاسْتَعِیْنُکَ عَلٰی قُرَیْشٍ اَنْ یُّقِیْمُوْا دِیْنَکَ يعني اي الله! مان تنهنجي حمد بيان ڪريان ٿو ۽ قريش جي معاملي ۾ تنهنجي مدد گهران ٿو جو اهي تنهنجي دين کي قائم ڪن، ان کان پوءِ آذان