Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئي موقعن تي سندن جي تعريف ۽ توصيف ڪئي ۽ جنت ۾ پنهنجي غلام جي قدمن جي آواز کي به ٻڌو: جيئن

قدمن جي آواز:

معراج جي رات جنت جي سير جي دوران نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جنت ۾ ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌو، جنهن جي باري ۾ حضور ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن کي ٻڌايو ويو ته اهو حضرت بلال حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي قدمن جو آواز آهي. ( مشکاۃ المصابیح ،کتاب المناقب،باب مناقب  عمر،۲/۴۱۸،الحدیث:۶۰۳۷ملتقطا)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! قربان وڃجي! بلال حبشي جي شان تي ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي غلام جي قدمن جو آواز جنت ۾ ٻڌي رهيا آهن، بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي اهو مقام ۽ مرتبو ڪهڙي عمل جي سبب حاصل ٿيو، اچو ٻڌون ٿيون: جيئن ته

جنت ۾ وٺي ويندڙ عمل:

حضرت سيدنا بريده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن صبح جو نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيدار ٿيا ته بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي فرمايائو: اي بلال! ڪهڙي شيءِ توکي مونکان اڳ ۾ جنت ۾ وٺي وئي؟ اَڄ رات مان جنت ۾ داخل ٿيس ته مون پنهنجي اڳيان تنهنجي قدمن جو آواز ٻڌو. ته حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: يارسول اللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان (وضو ڪرڻ کان پوءِ) هميشه ٻه رڪعتون پڙهي آذان ڏيندو آهيان ۽ جڏهن بي وضو ٿي پوندو آهيان ته جلدي مان وضو ڪري وٺندو آهيان تنهن تي رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو( سهي!) اهو ئي سبب آهي. (ترمذی، کتاب المناقب، باب فی مناقب ابی حفص۔۔ ۔ الخ، ۵/۳۸۵، حدیث:۳۷۰۹ملتقطا)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته سيدنا بلالِ حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي نفل نماز جو ڪيترو نه جذبو هو، جڏهن به وضو ڪندا ها ته ٻه رڪعت نماز تحية الوضُو ادا ڪندا ها ۽ هڪ طرف اسان پنهنجي ڪردار جي طرف نظر ڪيون ته اسان جو حال هي آهي جو نفلن سان گڏوگڏ فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي ۾ به سستي ۽ غفلت نظر اچي ٿي. سهيلين سان فضول ڳالهين ۾