Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي راههِ خدا ۾ ڪيتريون آزمائشون آيون، پر پوءِ به باطل جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايائون، ڄڻ ان الله وارن جي اها عادت هئي ته سر ڪٽجي ته ڀلي ڪٽجي. جان وڃي ٿي ته ڀلي وڃي پر دينِ اسلام کي ڇڏي ڪري باطل جي اڳيان سر نه جهڪڻ گهرجي. انهن جو اهو عمل اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته راههِ حق ۾ جيڪڏهن اسان کي سڀ ڪجهه وڃائڻو به پوي ته وڃائي ڇڏجي پر حق جو ساٿ نه ڇڏيو وڃي ۽ مضبوطيءَ سان باطل جو مقابلو ڪيو وڃي. دنيا ۾ جيڪڏهن هن جو صلو ڪجهه نه ملي پر اهڙن ماڻهن جي يقينًا آخرت سنورجي ويندي آهي، بارگاھِ الاهي مان انعامن جي بارش ٿيندي آهي. حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آخري پساهن تائين اخلاص ۽ استقامت سان دينِ اسلام تي ثابت قدم رهيا، راههِ خدا ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏي پر سندن ثابت قدمي ۾ ذري برابر به ڪمي نه آئي، دينِ اسلام قبول ڪرڻ جي بدلي ۾ مظلومانه زندگي گذارڻ جي باوجود به ڪڏهن زبان تي شڪايت نه آئي ۽ هڪ طرف اسان محبتِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ واريون معمولي زخمن تي شور مچائينديون آهيون ٿورڙي تڪليف پهچڻ تي بي صبري جو مظاهرو ڪندي نظر اچون ٿيون، ٿورو سوچيو! حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ايتري قدر تڪليف برداش ڪرڻ جي باوجود ڄڻ ته زبان سان اهو ئي چوندا رهيا ته ساهه ته وڃي سگهي ٿو پر ڪلمو نٿو ڇڏي سگهجي. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرت تي عمل ڪندي زندگي گذاريون، انهن جي قرباني جا واقعا پڙهي ڪري ۽ انهن جو ذڪر مبارڪ ڪري پنهنجي ايمان کي تازو ڪيون. اچو! سندن ايمان تي استقامت جا وڌيڪ واقعا ٻڌڻ کان پهريان پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جو تعارف ٻڌون ٿيون: جيئن     

مختصر تعارف

     حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ قبيلي بني جُمَعَ جا غلام هئا ۽ سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو بلال، والد جو نالو رباح ۽ والدهءِ محترمه جو نالو حمامه آهي. (حلیۃ الاولیاء،بلال بن رباح، ۱/۲۰۰،ملخصاً ) سندن ڪنيت ”ابوعبدالله، ابو عبد الڪريم، ابو عبدالرحمٰن ۽ ابو عَمرو حبشي آهي“(الاستیعاب فی معرفۃ الاصحاب، رقم: ۲۱۴،بلال  بن رباح، ۱ /